اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهينِ عدالت ڪيس ۾ اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي 4 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته جيل سپرنٽنڊنٽ وضاحت ڪري ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ٿيو.
قائم مقام چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر لکت ۾ حڪنامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب، عمران خان جي بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائڻ 28 جنوري واري عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.
عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کان وضاحت طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته عمران خان عدالتي حڪم باوجود بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ٿيڻ تي وڪيل فيصل چوڌري ذريعي عدالت سان رابطو ڪيو هو.
You might also like