ٽينڪر ٻن ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو، مڇريل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ ٽينڪر ٻن ڄڻن کي چيڀاٽي ڇڏيو، حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽  ٻيو زخمي ٿي پيو، مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي. واقعي جو ذميوار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. ان کان اڳ مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. سائيٽ ايريا جي فيڪٽري ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ مزدور وقاص مجيد فوت ٿي ويو، ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو. ان کان اڳ شاهراهه فيصل فاران هوٽل ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ تشڪيل حيدر سنديلو سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. نمائش ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو رضا فوت، هڪ زخمي ٿي پيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.