ڪراچي/ڏوڪري (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ڪيترائي سال صحافت کي ارپيندڙ سينيئر صحافي تشڪيل سنديلو ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صحافي تشڪيل سنديلي جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صحافتي فرض انجام ڏيڻ کانپوءِ موٽرسائيڪل تي واپس ويندي اڻڄاتل گاڏي سندس موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. ڪار سوار موٽرسائيڪل کي چيڀاٽيندو فٽ پاٿ سان ٽڪرائجندو رهيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو. ٻنهي زخمين کي اسپتال نيو ويو جتي سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. تشڪيل سنديلو آفيس وقت کانپوءِ ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندو هو، ساڻس گڏ ويٺل مسافر پڻ حادثي جو شڪار بڻيو. صحافي تشڪيل سنديلي جو مڙهه ڪراچي کان ڏوڪري ويجهو ڳوٺ حڪيم سنديلي نيو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ تدفين ڪئي وئي. سندس جنازي نماز ۾ اديبن، صحافين سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تڏو سندس اباڻي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ وڇايو ويو آهي. روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار صحافي تشڪيل سنديلي سنڌ سجاڳ، بول ٽي وي، بيڪس، سنڌ ٽائمز، لاڙڪاڻو ٽائمز ۽ جيجل ۾ صحافتي ذميواريون نڀايون جڏهن ته هن وقت روزاني عوامي فورم سان سلهاڙيل هو. ٻئي پاسي ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافين فدا حسين ابڙي، اطهر سنديلي، زبير زرار منگي، ياسر منگي، آفتاب قاضي، قاضي فريد احمد، علي اصغر ميمڻ، نديم ميمڻ، قاضي نياز حسين، عبدالوحيد جوڻيجو، قاضي سهيل احمد ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي.