اسلام آباد (فخر دراني) شروع کان اسان اهو ڏٺو آهي ته جيتري ڪابينا ننڍي هوندي اوتري ئي حڪومت مضبوط هوندي. جڏهن اوهان کي اتحادين تي ڀاڙڻو پوي، پنهنجي ئي پارٽي جي ماڻهن کي خوش رکڻو هجي ته ڪابينا وڌائڻي پوندي آهي وزارتون ڏيڻيون پونديون آهن. شهباز حڪومت جيڪو ڪابينا واڌ وارو فيصلو ڪيو آهي اهو ڪو سٺو سنوڻ ناهي. جيڏي وڏي ڪابينا هوندي، اوڏي ئي بليڪ ميلنگ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڪابينا جي حلف کڻڻ واري تقريب بابت گهڻو ڪري وزيرن کي اها به خبر نه هئي ته کين وفاقي وزير جو حلف کڻڻو آهي يا اسٽيٽ منسٽر جو حلف کڻڻو آهي. ٻي اها ڳالهه آهي ته پرويز خٽڪ جي شموليت تي پڻ تنقيد ڪئي پئي وڃي، شهباز شريف بنا سبب جي کيس شامل ڪري ورتو آهي. پرويز خٽڪ عمران خان جو دشمن آهي ۽ دشمن جو دشمن دوست هوندو آهي. ان جي ڪري پرويز خٽڪ کي اسٽيبلشمينٽ کي کيس مينيج ڪرڻو هو.