حقانيه ۽ مولانا حامد تي حملو منهنجي گهر ۽ مدرسي تي حملو آهي\فضل الرحمان

پشاور( م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جميعت علماءِ اسلام (س) جي سربراهه مولانا حامد الحق جي شهادت تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان مديني مان حافظ سلمان الحق سان رابطو ڪري حافظ سلمان الحق سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. پنهنجي هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته دارالعلوم حقانيه تي حملي ۽ مولانا حامد الحق سميت شهيدن جي ڏک جي خبر ٻڌي دل ڏکارو آهي. هن چيو ته دارالعلوم حقانيه ۽ مولانا حامد الحق تي حملو منهنجي گهر ۽ مدرسي تي حملو آهي.  هن چيو ته ظالمن انسانيت ، مسجد، مدرسي، جمعه ۽  رمضان جي مهيني جي آمد جي حرمت کي پائمال ڪيو. هن چيو ته  دهشتگردي ۽ بدامني سماج لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته نه رياست نظر اچي ٿي نه حڪومت نظر اچي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.