حقانيا مدرسي ۾ آپگهاتي حملو، مولانا حامد الحق سميت 8 اجل جو شڪار

نوشهرا (م ڊ) دارالعلومحقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز دوران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ جميعت علماءِ  اسلام (س) جو مرڪزي اڳواڻ مولانا حامد الحق حقاني سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خيبرپختونخوا آءِ جي ذوالفقار حمد جامع حقانيه جي مسجد ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 16 ماڻهو سخت زخمي آهن. آءِ جي موجب، حملي جو نشانو جامع حقانيه جو سربراهه مولانا حامد الحق حقاني ئي هو. ذوالفقار حميد ۽ صوبائي چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه به مولانا حامد الحق جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر نوشهرا عرفان الله محسود ٻڌايو ته مولانا حامد الحق جي مڙهه کي سي ايم ايڇ نوشهرا منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ 8 ڄڻن جي شهادت جي تصديق ٿي چڪي آهي. ڊي سي موجب، ڌماڪو مسجد جي ٻاهرين دروازي تي ڪيو ويو، جتان مولانا حامد الحق نماز کانپوءِ گهر وڃڻ لاءِ نڪرندو هو ۽ اهو حملو ان وقت ٿيو، جڏهن هو پنهنجي رهائشگاهه ڏانهن روانو ٿي رهيو هو.اڪوڙه خٽڪ ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.