غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ساٿين خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل

دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ساٿين خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيسن جو تعداد 6 ٿي ويو. دادو ضلعي جي اميناڻي پوليس اسٽيشن تي غلام مرتضيٰ جتوئي سميت 25 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر موجب، غلام مرتضيٰ جتوئي اين آءِ سي وي ڊي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي دادو ڊسٽرڪٽ جيل مان هدايتون جاري ڪيون ته پوليس تي دٻاءُ وڌو وڃي، جنهن سبب 25 ماڻهو هٿياربند ٿي گڏ ٿيا. پوليس ڪارروائي ڪندي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو. غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ساٿين خلاف دادو ضلعي ۾ وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.