ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا)سنڌو درياهه تي ڪئنالن، مرتضيٰ جتوئي جي بناجواز گرفتاري ۽ قومي شاگرد عامر عمراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي شھيد بينظير آباد ڊويزن ۾ شٽربند اعلان تحت ٽنڊي آدم ۾ به ھڙتال ڪئي وئي ڪاروباري مرڪز بند رھيا،جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر پرويز چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پرامن شٽربند هڙتال کي ڪامياب بڻائي شھرين وفاقي حڪومت پاران سنڌوءَ درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ واري منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آھي،هوڏانهن مورو ۾ مڪمل ڪاروبار بند رهيوشھر اندر پوليس اٽالا مقرر ڪيا ويا، جسم اڳواڻ ابرار ميمڻ ۽ٻين چيو ته تڪراري ڪئنالن ۽ قومي ڪارڪنن تي لٺبازي شيلنگ فائرنگ ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا،جڏهن ته نوابشاھ ۾ مڪمل شٽرڊائون هڙتال رهي،هڙتال سبب شهر جا مکيه ڪاروباري مرڪزن ڪپڙا مارڪيٽ، لياقت مارڪيٽ، موبائل مارڪيٽ، گول چڪرو بازار، موهني بازار، اسٽيشن روڊ، پراڻو ناڪو، نئون ناڪو،سڪرنڊ سميت شهر جا مکيه ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ لاقانونيت ۽ سياسي انتقام جي ور چڙهيل آهي، موجوده سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ماڻهن کي تحفظ مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،ٻئي پاسي رياض چانڊيو نوابشاهه پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جو جيئڻ زنده رهڻ اسان جي خوشحالي درياهه سان وابستا آهي حڪمران مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن،هن چيو ته گهرو وزير ڌاڙيل ختم نه ٿو ڪرائي سگهي،منشيات ۽ پوليس گردي ختم نه ٿو ڪرائي سگهي پرمرتضيٰ جتوئي مٿان ٻڪري چوري موٽر سائيڪل چوري جون ايف آئي آرون داخل پيو ڪرائي،نوابشاھ شهر ۽ موري شهر ۾ شٽر بند هڙتال ريفرنڊم آهي،ٻئي پاسي رياض چانڊيو سڪرنڊ ۾ چيو ته سنڌو درياءَ جي تحفظ لاءِ مختلف مرحلن ۾ جدو جهد جو سلسلو جاري رهندو انهيءَ موقعي تي جاويد عمراڻي اياز بليدي ساگر ملاح ۽ ٻيا گڏ هئا