ڪراچي مان کنڀيل پنج بلوچ شاگردن جي آزادي لاءِ سنڌ سرڪار کي الٽيميٽم

ڪراچي(رپورٽر)بلوچ رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ  عبدالوهاب بلوچ ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي مان گم ٿيل بلوچ نوجوانن ياسر بلوچ، صابر بلوچ،نصيب بلوچ،گلزار بلوچ ۽ سرفراز بلوچ جي آزاديءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن گم ٿيل بلوچ نوجوانن کي ٽن ڏينهن اندر ظاهر ڪري انهن کي آزاد نه ڪيو ويو ته انهن جا خاندان پنهنجن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ ڪوبه رستو اختيار ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته گم ٿيل نوجوانن کي فوري طور ڳولهي ظاهر ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي رياست بلوچ نوجوانن کي هڪ منصوبي تحت گم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي گم ٿيل نوجوانن جا ڪٽنب به موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.