ماتلي(ن ع آ) قومي عوامي تحريڪ ماتلي جي سڏ تي سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻي 6 ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف ڦلڪارا چوڪ کان سوين سنڌياڻين سميت ھزارين پيادل مارچ ڪري ريلوي اسٽيشن گرائونڊ تي جلسي عام ڪيو ويو. جلسي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو ضلعي صدر بچل احمداڻي، لکي ميرجت، اشرف پليجو شازيه احمداڻي، ڪرڙ لٻاڙي، شبير لغاري،رشيد گوپانگ، سانول گوپانگ صفير نظاماڻي،انور نوحاڻي، ڪيلاش مڪواڻو،گيانچند مھيشوري ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا،ان موقعي تي اياز لطيف پليجي درياھ بچايو جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته جمھوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت آھي،سنڌ کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياھ ۽ وسيلا کپائي رھيو آھي، درياھ ھليو ويو ته 30 سالن کانپوءِ سنڌ صوماليا ۽ ايٿوپيا بنجي ويندي. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي. چولستان ڪئنال ناھي، سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آھي.ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن،هن چيو ته ھي وقت صوبن کي جوڙڻ جو آھي، ٽڪراءَ ۽ سنڌو درياھ تي ڌاڙا ملڪ کي ڪمزور ڪندااياز لطيف پليجي چيو تہ وزيراعظم شھباز شريف ٻڌائي ته سنڌ توھان جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي،سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني ۽ مال غنيمت نہ بڻايو وڃي،هن چيو ته ڪي پي ڪي ناراض، بلوچستان ناراض ھاڻ سنڌ جا ماڻھو رستن تي آھن،هن چيو ته 26ھين آئيني ترميم عدليه جي خودمختياري راتاھو آھي ۽ پيڪا آرڊيننس ڪارو قانون آھي، بندرگاھ، گئس ۽ پئٽرول ڏيندڙ سنڌ کي ڪرپشن، غربت، بدحالي، منشيات، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي جھيڙا ڏنا ويا آھن بچل احمداڻي چيو ته سنڌو درياھ ۾ پاڻي ناھي. چشما جھلم، تونسا ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي، سنڌ ۾ سڀ کان وڏو زميندار آصف زرداري آھي، حڪمران درياھ کپائي رھيا آھن،اشرف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌيو حڪمرانن سنڌ تي جنگ مسلط ڪئي آھي، لکي ميرجت خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت گڏجي سنڌ دشمن منصوبا جوڙي رھيا آھن،رشيد گوپانگ چيو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ھر دور ۾ سنڌ سان دوکا ڪيا ويا آھن، انور نوحاڻي چيو ته سنڌ دشمن ڪئنال ٺھيا ته سنڌ جا لکين ماڻھو، جانور پکي اڃ مري ويندا. 20 سالن کانپوءِ سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، شازيه احمداڻي چيو ته جيڪڏھن سنڌو درياھ ھليو ويو ته تاريخ ۾ مجرم بنجي وينداسين. بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ ٻيا ضلعا منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي آھن.