ڪامريڊ ڄام ساقي کي ڀيٽا پيش،ڪئنال ٺاهڻ ۽ زمينون کسڻ جو سلسلو بند ڪريو:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سياسي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن، ڪامريڊ ڄام ساقي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جهڙن منصوبن کي رد ڪري چڪا آهن،اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم هال ۾ کاٻي ڌر جي عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورهين جي حوالي سان سندس ساٿين پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي  ڪيو.ان موقعي تي ڪامريڊ ڄام ساقي جي جيل جي ساٿي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر امداد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي شخصي ۽ سياسي زندگي شاندار رھي آھي، ان تي فخر ڪري سگھجي ٿو، ھن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ھڪ لوھه آھي، ان کي ڪڏھن به  ڪير چٻاڙي نٿوسگهي. ھن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جيان ھڪ آواز ٿي موجوده پاڻي مسئلي تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو ته اسان ڪنھن به صورت ۾ آمريت کي قبول نه ڪنداسين. پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر بئريسٽر ضمير گھمرو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ھڪ عظيم انقلابي ڪردار ھو، ھو سنڌ جي مٽيءَ ۾ جذب ٿيل آھي ڪامريڊ ڄام ساقي قومي ۽ جمھوري جدوجھد تي يقين رکندو ھو، ون يونٽ خلاف حيدرآباد ۾ 4 مارچ شاگرد جدوجهد نه وسرندڙ آھي، ڄام ساقي ان جدوجهد جو حصو هو. ھن چيو ته سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ناانصافي ٿيندي رهي آهي، 1991ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ پاڻي ٺاهه ٿيو، جنهن کي پاڻي کسڻ وارو  ون يونٽ چئي سگهجي ٿو. ھن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال نه ٺھندو، ڪينالن تي نه سودو ٿيندو نه ٺاھڻ ڏنو ويندو. هن وقت ڪا به سياسي جماعت سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري ڪوشش يا ان ۾ حصيداري جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي. ھن چيو ته پاڻي سنڌ جي جياپي جو مسئلو آھي، اسلام آباد مان جيڪڏھن ڪو به فيصلو مڙھيو ويو ته اسان اھو مڙھڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته 26 هين آئيني ترميم جي مخالفت پئي ڪئي وڃي، پر 26 هين آئيني ترميم جو مقصد چئني صوبن جي سپريم ڪورٽ ۾ برابري قائم ڪرڻ آهي،اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي شاگرد سياست کان وٺي آخر تائين ھر آمر خلاف جدوجهد ڪئي،ڄام ساقي جي جدوجھد ۾ ٿر جي مٽي جي خوشبوءِ ھوندي ھئي،ھن چيو ته جيڪڏھن اڄ به ڪامريڊ اسان سان گڏ ھجي ھا ته سنڌ جي پاڻي جي حق ۽ ڪينالن خلاف اڳئين صف ۾ نظر اچي ھا. هاڻي هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڪينالن خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائڻ گهرجي، ارسا ۾ سنڌ  جي نمائندي جي آواز کي ٻڌو نه پيو وڃي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪينال ڪڍڻ واري ضد تان نٿي لهي ته پيپلزپارٽي کي وفاقي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ گهرجي.وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي زندگي جي آخري گھڙي تائين پنھنجي مفادن بجاءِ عوامي جدوجھد ڪندي گذاري. ھو ھڪ آدرشي ڪردار ھو،ڪئنالن خلاف گڏيل جدوجھد ذريعي ڪالاباغ ڊيم جھڙي  سگھاري تحريڪ ھلڻ گھرجي،سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي چيو ته ڪامريد ڄام ساقي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شھيد نذير عباسي سنڌ جي  مزاحمتي تاريخ  اڏيندڙ ھئا. سندن جدوجھد سنڌ جي مسڪينن، ھارين ۽ مزدورن لاءِ ھئي. ھن چيو ته اڄ سنڌو درياهه تي 6 ڪينال ڪڍيا پيا وڃن، پر سنڌ حڪومت جو واضع بيان نٿو اچي، ھن چيو ته پيڪا ايڪٽ تحت صحافين جي آواز کي بند ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آھي. اسان کي جيل قبول آھن، پر سنڌوءَ تي ڪينال قبول نه ڪنداسين.حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو چيو ته ڪامريڊ ڄام  ساقي جمهوريت لاءِ قربانيون  ڏنيون،ڪامريڊ ڄام ساقي جي پٽ ڪامريڊ سارنگ ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي پاڪستان جي سياست ۾ انقلابي تحريڪ جا سگهارا بنياد رکيا آهن. هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪئي ۽ اسين ان جدوجهد جو تسلسل آهيون. ڪامريڊ ڄام ساقي جي نياڻي بختاور ڄام چيو ته ڪامريڊ ڄام  ساقي ھڪ بھادر  ۽ سچو اڳواڻ ھو، ڪامريڊ ڄام ساقي تي ڪيتريون ئي تنقيديون ٿيون، پر ھن ڪڏھن به انهن تنقيدن جو جواب نه ڏنو ۽ ھن تي اڄ به تنقيد ٿئي ٿي. ھن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سياسي، انقلابي، سماجي اڳواڻ سان گڏ لطيف جو پانڌيئڙو ھو. ھن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي اديب، ليکڪ ۽ شاعر پڻ ھو، ھن 7 ڪتاب لکيا. ھن جا سنڌ جي اديبن سان ويجھا لاڳاپا ھئا. ڪامريڊ قيمت راءِ چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجھد ايندڙ نسل لاءِ ھئي، سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ شھيد نذير عباسي جي جدوجھد کي نصاب  ۾ شامل ڪري.کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ انور پنھور چيو ته جيڪڏھن کاٻي ڌر بابت دنيا ۾ ذڪر ٿيندو ته پاڪستان جي کاٻي ڌر ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ضرور ذڪر ٿيندو.کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ وھاب پنڌراڻي چيو ته سنڌ جي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته سنڌ اندر گڏيل ۽ حقيقي جدوجھد ڪئي وڃي

وقار ملاح ۽ سڪندر فقير سرن جي ورکا ڪئي

حيدرآباد: ڪامريڊ ڄام ساقي جي ورسي واري تقريب جي آخر ۾ ناميارن راڳين وقار ملاح ۽ سڪندر فقير سرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته ان کان اڳ عاشق سولنگي، ڪامريڊ لتا ۽ ٻين انقلابي گيت پيش ڪيا.

سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف ٺهراءَ منظور

حيدرآباد:ڪامريڊ ڄام ساقي جي ستين ورسي واري تقريب ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌو درياهه مان ڪينال  ڪڍڻ وارن منصوبن خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي، سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش کي رد ڪندي گُهر ڪئي وئي ته سنڌ جي پاڻي ۽ زمين تي راتاهو هڻڻ وارن سمورن منصوبن کي بند ڪيو وڃي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، پيڪا ايڪٽ کي ختم ڪيو وڃي. ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قاتلن ۽ سهولتڪار سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.