اسلام آباد(م ڊ) ابوظهبي جو ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي مختصر دوري کانپوءِ واپس روانو ٿي ويو، دوري دوران پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو، جتي نور خان ايئر بيس تي وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو معزز مهمان جو استقبال ڪيو، ولي عهد کي به وزيراعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، بعد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن جي هڪ تقريب ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بئنڪنگ جي شعبي ۾ تعاون بابت دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي وئي، مائننگ جي شعبي ۾ تعاون ۽ ريلوي جي شعبي ۾ 2 مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون، ان بعد ولي عهد ايوان صدر پهتو جتي کيس نشان پاڪستان پيش ڪرڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي، ان دوران صدر آصف زرداري کيس پاڪستان لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان پيش ڪيو، ابوظهبي جو ولي عهد پاڪستان جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ روانو ٿي ويو، وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي الوداع ڪيو.