وفاقي ڪابينا ۾ کيئل ڪوهستاني ۽ مصطفيٰ ڪمال سميت 27 نوان ميمبر شامل

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ 27 ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن حلف کڻي ورتو، ڪالهه نون وفاقي وزيرن جي حلف  برداري واري تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جتي صدر آصف علي زرداري کائن حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻيا وفاقي وزير به موجود هئا، وفاقي ڪابينا ۾ وڌيڪ 13 وزيرن ۽ 11 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا جو مجموعي انگ 31 ٿي ويو آهي،نون وفاقي وزيرن ۾ حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، معين وٽو، مصطفيٰ ڪمال، سردار يوسف، علي پرويز، شزا فاطمه، جنيد انور، خالد مگسي، پير عمران شاهه، اورنگزيب کچي، راڻا مبشر ۽ رضا حيات هراج شامل آهن، اهڙي طرح مملڪتي وزيرن ۾ بئريسٽر عقيل ملڪ، ملڪ رشيد، ارمغان سبحاني، طلال چوڌري، کيئل داس ڪوهستاني، رحمان ڪانجو، بلال ڪياني، مختار ڀرت، شازرا منصب، انور چوڌري، وجيهه قمر شامل آهن، ان کان سواءِ وزيراعظم جي 3 صلاحڪارن توقير شاهه، پرويز خٽڪ ۽ محمد علي به عهدن جو حلف کنيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.