لاهور (م ڊ) اڳوڻو سينيٽر ۽ عوامي نيشنل پارٽي جو اڳوڻو اڳواڻ زاهد خان مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿي ويو. هن چيو ته ڪي پي ڪي جو عوام وزيراعليٰ مريم نواز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪري ٿو. ڪي پي جي صوبائي عهديدارن نواز شريف سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي. نواز شريف زاهد خان جي شموليت تي سندس آجيان ڪئي ۽ چيو ته هو پراڻو سياسي ڪارڪن آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ جي ترقي ن ليگ جي ايجنڊا آهي، ن ليگ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو آهي.