جو ولسن آرمي چيف خلاف قرارداد تيار ڪرڻ لڳو؟

لاهور (معظم فخر) آمريڪي ڪانگريس ميمبر هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي آزادي لاءِ سرگرم ٿي ويوآهي ۽ هن آمريڪي  پرڏيهي وزير مارڪ روبيو جي نالي خط به لکيو آهي ته اگر پاڪ _ آمريڪا لاڳاپن کي بچائڻو آهي ته عمران خان کي جيل مان ٻاهر آڻڻو پوندو. ڇا ان وسيلي پاڪستان مٿان دٻا ءٌ وجهي عمران خان کي آمريڪا آزاد ڪرائي ويندو اهو اهم سوال آهياهو خط جو ولسن  هڪ ٻئي ڪانگريس رڪن سان گڏجي لکيو آهي ۽ اسٽيٽ سيڪريٽري مٿان زور ڏنو ويوآهي ته اهو ان حوالي سان قدم کڻي.سوشل ميڊيا تي جاري خط مطابق مطالبو ڪيوويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي عمران خان جي رهائي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ۽ عمران خان کي آزاد ڪرايو وڃي.پاڪستان ۾ عمران کي پسند ڪيو ويندو آهي اطلاع مطابق مختلف فورمز وسيلي آمريڪا مٿان چٽو ڪيو ويوآهي ته عمران خان سزا يافته آهي۽ سندس معاملا عدالت وسيلي کي نبرندا. هن وقت آمريڪا ۾ آرمي چيف خلاف هڪ قرارداد آڻڻ جي ڪوشش به ٿي رهي آهي جنهن جي پٺيان پي ٽي آئي جون لابنگ فرمز آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 28 فيبروري 2025 تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.