رمضان ۾ مهانگائي وڌڻ جو خدشو، کنڊ 200 رپين تائين پهچي سگهي ٿي

اسلام آباد(ع آ نيوز) ناڻي واري وزارت عيدالفطر کان اڳ ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته کنڊ 200 رپيا في ڪلو ٿيڻ جو خطرو به ڏيکاريو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب مارچ ۾  مهانگائي جي شرح 3 کان 4 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ مهانگائي جي شرح 3 کان 4 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي، فيبروري ۾ مهانگائي جي شرح 2 کان 3 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جنوري 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 2.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جولاءِ کان جنوري دوران مهانگائي جي سراسري شرح 6.50 سيڪڙو هئي. رمضان المبارڪ کان اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي هول سيل قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.   ڪراچي ۾ پرچون فروش اڳ ئي کنڊ جو 160 رپيا في ڪلو وصول ڪري رهيا آهن.  هنن جو چوڻ آهي ته هو هول سيل ريٽ ۾ بار بار اضافو برداشت نٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان 50 ڪلوگرام واري ٻوري جي قيمت ۾ 150 کان 200 روپين جو مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي جاڳائڻ گهرجي ۽ شگر مافيا، وچولين ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ گهرجي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان ورتو ته رمضان ۾ کنڊ جو اگهه 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.