سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن بدران ٻين جا گهر پيا ٺهن:سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي

اسلام آباد(م ڊ) اقتصادي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ ۽ بلوچستان پاران يورپي يونين جي فراهم ڪيل گرانٽ  جي خرچن جا تفصيل فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ کي طلب ڪري ورتو،چيئرمين ڪميٽي سيف الله ابڙو چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي منصوبن جا تفصيل نه ڏنا ويا،پاڪستان کي 2022ع جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ 10 ارب ڊالر مليا آهن،سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته اسان کي 2022ع  جي ٻوڏ ۾ قرض گهٽ وياج شرح تي مليو،100 ماڻهن کي قرض ڏئي 42 هزار خيما ڏنا ويا،ان جو حساب ٿيڻ گهرجي،چيئرمين ڪميٽي چيو ته سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ذريعي منظور نظر ماڻهن ۾ سولر پئنل ورهايا پيا وڃن،سنڌ تفصيل فراهم نٿي ڪري ته ڊونرز کي لکنداسين ته بي ضابطگي ٿي رهي آهي،هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ بدران ڪنهن ٻئي جا گهر ٺهي رهيا آهن، لاڙڪاڻي جي هڪ يونين ڪائونسل ۾ رڳو چيئرمين يونين ڪائونسل جو گهر ٺهي رهيو آهي،سنڌ جو منصوبابندي کاتو ٻڌائي ته آخر ائين ڇو ٿي رهيو آهي؟ اقتصادي معاملن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ عالمي بئنڪ هڪ ارب ڊالر ڏنا آهن، سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 24 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.