سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف قومي عوامي تحريڪ جو مارچ گجي پهتو

گجو/ٺٽو(نمائندا) سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ساڪرو شھر کان ٺٽي تائين نڪتل پيادل مارچ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، وڪيو ميربحر، حبيبﷲ پليجو، مرتضيٰ لاشاري، ربڏنو ملڪ، غفور سومرو، لياقت ٻارڻ، دانش خاصخيلي ‘راجا شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھارو شھر ۾ رات ترسڻ بعد قومي گيتن جي گونجار سان ٿھيم ڳوٺ ۽ سلطان آباد کان ٿيندو جڏهن گجي شھر پھتو ته سوين شھرين سماجي اڳواڻ رشيد احمد ميمڻ ، شھباز ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قافلي جي گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي،شھرين پيادل قافلي جي پانڌيئڙن کي اجرڪون ۽ گلن جا ھار پھرايا ـ گجي شھر جي مک چوراھي تي خطاب ڪندي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو،حبيب الله پليجو ۽ ٻين چيو ته سوداگر ۽ ڪرپٽ حڪمران سنڌ وڪڻي رھيا آھن. ڪئنال ٺھي ويا ته سڄي سنڌ موئن جو دڙو بڻجي ويندي. سنڌو درياھ ويو ھليو ته فصل ختم ٿي ويندا. باغ نه ھوندا،کاڌي پيتي جون شيون پنجاب مان اينديون ۽ ايتريون مھانگيون ملنديون جو غريب ماڻھو خريد نه ڪري سگھندا. لکين ماڻھو بک ۽ اڃ مري ويندا،هنن چيو ته ٺٽو، سجاول، بدين سميت لاڙپٽ جي ضلعن کي منشيات ۽ بدامني جو ڳڙھ بنايو ويو آھي. ساحلي پٽ، جزيرا ۽ ڪوھستان جي زمينن جا ڪوڙا ڪاغذ ٺاھي زمينن جا سودا ڪيا پيا وڃن، اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ۽ نسلن جي بقا ۽ سنڌ جي ڦرلٽ خلاف جدوجھد جي ميدان تي نه آيا ته لاوارث ٿي مارجي ويندا ۽ انھن جو ڪو داد فرياد نه ٿيندو پيادل مارچ جا پانڌيئڙا رات گجي ۾ ترسڻ بعد اڄ ٺٽو شھر روانا ٿيندا جتي مارچ جي اختتامي جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو خطاب ڪندو ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.