اوٽاوا(حنيف دوامي) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان جي گهران مليل ٻن ٽجوڙين مان ڪجهه به نه نڪتو، ذريعن موجب گهر جي مالڪن جو چوڻ آهي ته انهن ٽجوڙين ۾ يورو، ڊالر،دينار، سونا زيور ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو پر اي وي سي سي جي ايس ايڇ او جي نگراني ۾ ٽيم پاران هٿ ڪيل انهن ٽجوڙين کي کوليو ويو ته انهن مان رڳو نٽ بولٽ هٿ آيا،ذريعن موجب ٽجوڙين ۾ موجود پئسا ۽ ٻئي قيمتي سامان تي هٿ صاف ڪيو ويو آهي،ٻئي پاسي منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ساحر حسن جن يحييٰ ۽ بازل کان منشيات خريد ڪندو هو اهي ارب پتي بزنيس ٽائيڪون جي بگڙيل اولاد آهن،چيو پيو وڃي ته ارمغان جي دوستن ۾ رڳو سنڌ جي هڪ وزير جو پٽ شامل ناهي انهن ۾ پوليس آفيسرن، نارڪوٽڪس ،سيڪريٽرين، ڊپٽي ڪمشنرن، واپارين، صنعتڪارن جا پٽ به ان لسٽ ۾ اچي وڃن ٿا، ڊفينس ۾ ڊانس پارٽيون عام ڳالهه آهي، ڊانس پارٽين ۾ ويڊ،آئيس، ڪوڪين سميت هم قسم جو نشو هلندو آهي،وڏن وڏن گهرن جي بگڙيل اولاد انهن پارٽين ۾ شرڪت ڪندي آهي حيدرآباد ۾ هڪ چانهه جي ريسٽورنٽ ۾ جنگل بواءِ نالي نشو وڪرو ڪيو ويندو آهي،ڊفينس ۾ هڪ عورت به شيشا بار چانهه جي آڙ ۾ هلائي ٿي جنهن کي هڪ رٽائرڊ ڊي ايس پي جي پٺڀرائي حاصل آهي
پئسي جو کيل:مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ سزا جي نوبت نه ايندي؟
ڪراچي (وسعت الله خان) 2012 ۾ لينڊ لارڊ جي لاڏلي شاهه رخ جتوئي هٿان نوجوان شاهه زيب خان کي ماريو ويو، جوابدار دبئي فرار ٿيو، پوءِ هن رضاڪاراڻي گرفتاري ڏني، جيل ۾ شهزادن جيان رهيو ۽ 2022 ۾ باعزت بري ٿي ويو، سول سوسائٽي مٿو پٽيندي رهجي وئي. نومبر 2021 ۾ ماحوليات پرست سماجي ڪارڪن ناظم جوکيو ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم بجار ۽ ايم پي اي ڄام اويس جي عرب مهمانن جي وڊيو ٺاهي هئي ته جيئن غيرقانوني شڪار ثابت ٿي سگهي. ناظم جوکيو کي مهمان جي توهين تي سردار وٽ طلب ڪيو ويو ۽ پوءِ اتان سندس لاش ٻاهر نڪتو. پيپلزپارٽي جوابدارن سان گڏ بيٺي رهي ۽ پوءِ ناظم جوکيو جي ڪٽنب سردارن کي معاف ڪري ڇڏيو، سول سوسائٽي وري دانهيندي رهجي وئي. گذريل سال آگسٽ ۾ نتاشا ڊرائونگ ڪندي ٻن واٽهڙن کي چيڀاٽي ڇڏيو ۽ ڪجهه هفتن ۾ هنن جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪري ڇڏيو. مصطفيٰ عامر ڪس ۾ به پوليس 3 هفتن کانپوءِ دلچسپي ورتي ڇو ته سوشل ميڊيا تي اهو معاملو اٿي رهيو هو. ان ڪيس جو فيصلو جيڪو به ٿئي پر ڪنهن عام شهري کي يقين ناهي ته سزا جي نوبت ايندي. مان صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جيئن اسان اڳي کان وڌيڪ مهذب ٿيڻ جي وهم ۾ مبتلا ٿياسين، تيئن اسان جي وحشت وڌندي وئي. هاڻي ائين لڳي ٿو ته رياست جو ادارو دوکي کانسواءِ ڪجهه ناهي. شرمساري، پشيماني، انصاف شايد ڪڏهن ڪا معنيٰ نٿا رکن، اهي معنائون به ڊگهو وقت اڳ قتل ٿي ويون.
پٽ کي قتل تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڦاسايو پيو وڃي: ساجد حسن
ڪراچي: مقبول اداڪار ساجد حسن موجب پٽ کي قتل ڪيس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڦاسايو پيو وڃي، سندس خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، پوليس جا بيان هٿ ٺوڪيا آهن، ڪا منشيات هٿ ناهي آئي، پٽ خلاف ڪو ثبوت ناهي. هن چيو ته پوليس غيرقانوني ڇاپو هنيو، وڊيو رڪارڊنگ جو قانون به نظرانداز ڪيو، عدليه تي ڀروسو آهي، عدالت انصاف ڪندي، اڻ ڌري جاچ ڪئي وڃي.
ارمغان جي ڊجيٽل ڪرنسي بابت ثبوت ناممڪن آهن: جاچ ذريعا
ڪراچي: جاچ ذريعن موجب جوابدار ارمغان جا ڪيترائي مرچنٽ اڪائونٽ آهن، انهن اڪائونٽن ۾ ٺڳي سان حاصل ڪيل رقم منتقل ڪئي ويندي هئي جيڪا رقم ڊجيٽل ڪرنسي ۾ تبديل ڪئي ويندي هئي، جوابدار 2017 کان ملين ڊالرز رقم اي ٽي ايم ۾ سڌي ريت منتقل ڪندو هو. ارمغان جي ڊجيٽل ڪرنسي ۾ تبديل ٿيل رقم جا ثبوت حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي، جوابدار پاڪستان ۾ پنهنجا سڀ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا هئا. جوابدار وٽ ڊجيٽل ڪرنسي منتقل ڪرڻ لاءِ مختلف ورچوئل ڪارڊ هئا، انهن ذريعي هو رقم ڪڍرائيندو هو.
آءِ جي سنڌ ۽ پوليس چيف وزيراعليٰ هائوس طلب
ڪراچي: مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڪراچي پوليس چيف کي وزيراعليٰ هائوس طلب ڪيو ويو. ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي اي وي سي سي ۽ ايس ايس پي ايس آءِ يو کي به سي ايم هائوس طلب ڪيو ويو جتي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو مصطفيٰ قتل ڪيس بابت بريفنگ ڏيندو. گرفتار جوابدارن وٽان جاچ ۾ ڪهڙا انڪشاف ٿيا آهن ان بابت به عملدار بريفنگ ڏيندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ بريفنگ کانسواءِ اڳتي جي حڪمت عملي تي به ڳالهيون ٿينديون.
گواهه ارمغان ۽ شيراز کي سڃاڻي ورتو
ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي اهم گواهه ۽ جوابدار ارمغان جي ملازم قتل ڪيس ۾ نامزد ارمغان ۽ شيراز کي عدالت ۾ سڃاڻي ورتو. جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، گواهه غلام مصطفيٰ جو بيان قلم بند ڪيو ويو. گواهه بيان ڏنو ته جيڪو واقعو پيش آيو اسان پوليس کي سچ سچ ٻڌائي ڇڏيو هو. عدالت پڇيو ته ڏسو جوابدار هتي موجود آهن؟ ان تي گواهه ارمغان ۽ شيراز کي سڃاڻي ورتو. پوليس مصطفيٰ قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي گرفتاري ۽ هٿيار هٿ اچڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. پوليس جوابدار ارمغان جي ويجهي دوست جو بيان به وٺي ڇڏيو. سندس دوست ٻڌايو ته انجلينا کي مصطفيٰ عامر ارمغان سان ملايو هو، هو ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ نشو به ڪندي هئي، انجلينا کي ارمغان نه وڻندو هو. مارشا مصطفيٰ جي 3 کان 4 سالن کان گرل فرينڊ هئي ۽ منهنجي دوست هئي. ارمغان هڪ ڀيري هٿ مان گلاس ڪرڻ تي هن مون کي سڀني سامهون چماٽون وهائي ڪڍيون هيون.
مصطفيٰ قتل ڪيس: جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ
ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جوابدارن ارمغان ۽ شيراز جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت جوابدارن جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي. ارمغان طرفان عابد زمان ايڊووڪيٽ وڪالت نامو جمع ڪرايو. جوابدار ارمغان عدالت کي ٻڌايو ته مون کي پوليس تحويل ۾ نه ڏنو وڃي، هي اذيت ڏين ٿا، کاڌو نٿو ڏنو وڃي، 10 ڏينهن کان واش روم ناهي وڃڻ ڏنو. عدالت چيو ته ائين ممڪن ناهي ته 10 ڏينهن واش روم نه وڃڻ ڏين، ائين ٿئي ها ته اوهان هتي بيهي نه سگهو ها. جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن ناري تي تشدد ڪيو، ناري جو پتو لڳايو ويو آهي، بيان رڪارڊ ڪنداسين، ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻي آهي. ارمغان جي ماءُ بيان ڏنو ته هن ئي پوليس سامهون پٽ کي سرينڊر ڪرايو هو. سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن کان مني لانڊرنگ ۽ منشيات اسمگلنگ جي جاچ ڪرڻي آهي، جوابدار چالاڪ آهي، جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري، ڪنهن سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وڃي. عدالت ۾ عدالت جي ڪمري ۾ جوابدار ارمغان کي والدين ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.