ميڊيا مالڪ صحافين جي انشورنس ڪرائين:سنڌ ڪميشن فار جرنلسٽس

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ اڌر ميڊيا پريڪٽيشينرز جو اجلاس ڪالهه ڪميشن جي نئين چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ آرڪائيوز ۾ منعقد ٿيو. اجلاس  ۾ سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ، ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپر ايڊيٽرس (سي پي اين اي) جي نمائندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) مظهر عباس، سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي نمائندي ڊاڪٽر توصيف احمد خان، آل پاڪستان نيوز پيپر ايمپلائيز ڪنفڊريشن (اي پي اين اي سي) جي نمائندي عبيدالله خان، سيڪريٽري داخلا جي نمائندي ڊپٽي سيڪريٽري فتح علي راهمون، ۽ ڪميشن جي سيڪريٽري سعيد ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ صحافين کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، خاص طور تي سکر ڊويزن سان واسطو رکندڙ صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر، ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن سميت مختلف ايجنڊائن تي غور ويچار ڪيو ويوڪميشن، سکر پوليس پاران جان محمد مھر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن بابت پيش ڪيل رپورٽ کي غيرتسلي بخش قرار ڏيندي فيصلو ڪيو ته ڪميشن طرفان آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکي، سکر ڊويزن جي نمائندگي ڪندڙ پوليس آفيسر کي ايندڙ اجلاس ۾ نصرالله گڏاڻي، جان محمد مھر، ۽ حيدر مستوئيءَ جي ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويندي. ان کانسواءِ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڀني ميڊيا مالڪن کي خط ذريعي آگاہ ڪيو ويندو ته سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس ايڪٽ 2021 جي آرٽيڪل 15  تحت انهن تي قانوني ذميواري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي انشورنس ڪرائڻ سان گڏوگڏ انهن کي سيفٽي ٽريننگس پڻ ڏيارين، جيئن صحافين جي تحفظ لاءِ ٺاهيل قانون تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائجي.ڪميشن جي ميمبرن سنڌ آرڪائيوز ۾ قائم ڪميشن جي آفيس جو دورو ڪيو ۽ چيئرمين ۽ سيڪريٽري طرفان ڪميشن جي آفيس ۽ ويب سائيٽ جي بهتري لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.