”سرداري نظام نامنظور“ اترسنڌ ۾ بدامني خلاف ڪراچي ۾ مارچ

ڪراچي(رپورٽر) اتر سنڌ خاص طور ضلعي ڪشمور ۾  بدامني جي راڪاس، ڦرون ڌاڙا ھندو واپارين کي ڀتي لاءِ اغوا جي وڌندڙ وارداتن خلاف پروگريسو الائنس فار پيس جي سري ھيٺ ٽن ڏينھن واري احتجاجي ڪئمپ جي پڄاڻي تي ڪئمپ کان پريس ڪلب جي مک گيٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو ويو جنھن ۾ شريڪ ماڻھوءَ امن کپي بس امن کپي، عزت سان رھڻ روزگار جو حق ڏيو، پريا ڪماري، راجيش ڪمار کي بازياب ڪريو، ظالم سرداري ۽ وڏيرا شاھي نظام نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا،جماعت اسلامي جي سينئر اڳواڻ سابق ايم اين اي  اسدالله ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته بدامنيءَ عوام جو جيئڻ جنجال ۽ 16سالن کان سنڌ مٿان برسراقتدار پ پ حڪومت عوام کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. بدامنيءَ سبب ڪيترائي ئي واپاري ھندو خاندان لڏ پلاڻ ڪري ويا آھن،هن چيو  ته  پريا ڪماري کان پوءِ راجيش ڪمار کي جھڙي طرح اغوا ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل وڊيو وائرل ڪئي وئي آھي اھا سنڌ سرڪار  جي نااھلي ۽ رياست جي رٽ لاءِ سواليه نشان آھي، مارچ ۾ سياسي سماجي اڳواڻ صحافي وڪيل ھندو پنچائت جا مکي توڙي سول سوسائٽي جا نمائندا شامل ھئا. جنھن ۾ ڪراچي بار جو نائب صدر خادم مھيسر، ايس يوپي جو منير نائچ، ھندو پنچائت جو سريش ڪيسواڻي،ڊاڪٽر جي پال، ملاح فورم جو چيئرمين مير ماجد خان، جڳديش آهوجا،جماعت اسلامي جو مجاھدچنا،پروگريسو الائنس جو سرواڻ امداد الله کوسو،حميد سبزوئي ۽ ٻيا شامل ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.