اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت ڪنهن کي به ڪانفرنس ڪوٺائڻ کان روڪيو ناهي، جيڪڏهن ڪنهن منع ڪئي آهي ته ان جو نالو سامهون آندو وڃي، اپوزيشن وارا سچ ڳالهائين، انهن کي به خبر آهي ته حڪومت منع ناهي ڪئي، محمود اچڪزئي ۽ شاهد خاقان جي اپوزيشن اتحاد ۾ هجڻ سان حڪمت پيدا ٿيندي، اپوزيشن اتحاد جوڙي ايجنڊا سامهون آڻي ٿي ته حڪومت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.