ماضي ۾ پيڪا کي ڪارو قانون چوندڙن اڄ ٻيهر بندشون لڳايون آهن: افضل بٽ

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ چيو ته عمران خان جي دور ۾ مريم اورنگزيب پيڪا کي ڪارو قانون قرار ڏنو.  ان وقت جي اپوزيشن ليڊرشپ شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ٻه ڀيرا ايڪٽ خلاف اسان جي احتجاجي ڪئمپ تي آيا.هن چيو ته اڄ اسان خود  احتسابي کان ڊڄون ٿا. هن چيو ته اڄ شايد خود احتسابي کان ڊڄون ٿا، پابنديون اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ نه جدوجهد، جڏهن نواز شريف کي سزا ڏني وئي ته پيمرا مان حڪم آيو ته سزا يافته شخص کي ٽي وي تي نه ڏيکاريو وڃي، اسان عدالت ويا هئاسين، سلمان اڪرم راجا پٽيشنر هو ۽ سڀني کي خبر آهي ته اسان سان ڇا ٿيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني خطاب ڪندي چيو ته هي ماڻهو انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا.  مريم اورنگزيب عدالت ۾ چيو ته قانون ڪارو آهي، اسان به درخواست گذار بڻجڻ چاهيون ٿا، احتجاج ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ويا هئاسين. افضل بٽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پريس گيلري کي لاڪ ڪيو ويو، ان وقت جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ٻه ڀيرا اسان جي ڪيمپ تي آيا، اڄ اپوزيشن اقتدار ۾ آئي آهي ۽ فل اسٽاپ ۽ ڪاما تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.