لنڊن عمرڪوٽ (م ڊ/ڊر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيڪا جو حقيقي مسودو خطرناڪ هو، پ پ جي ڪوششن سان ان ۾ ترميم ڪئي وئي، پيپلز پارٽي 26 هين آئيني ترميم جي منظوري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، 26 هين آئيني ترميم پنهنجي اصل صورت ۾ نه پر هڪ ڪمپرومائزڊ شڪل ۾ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي پيڪا قانون ۾ به ڪيتريون ئي ترميمون ڪرايون آهن، آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري وضاحت ڪئي ته تڪراري پيڪا قانون ان شڪل ۾ منظور نه ٿيو، جيئن شروعاتي طور تي تجويز ڪيو ويو هو، ان قانون جي ابتدائي صورت ۾ هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ تي 30 سال قيد جي سزا به شامل هئي، پر پيپلز پارٽي ان قانون جي ترميمي مرحلي ۾ شامل رهي ۽ اهم ترميمون ڪرايون، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 26 هين آئيني ترميم جي منظوري سان جمهوريت کي ڪمزور نه ڪيو، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت اڳ ئي مستحڪم ناهي، پاڪستان اهو اڪيلو ملڪ ناهي، جيڪو جمهوريت جي عدم استحڪام کي منهن ڏئي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رياستي ادارن کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، پاڪستان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط ناهي، ٻين ملڪن کي به جمهوريت جي حوالي سان چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي، ميثاق جمهوريت ۾ پيپلز پارٽي جو اهم ڪردار هو، اسان پنهنجي دور ۾ اپوزيشن کي مصروف رکيو، پيپلز پارٽي قومي سياست ۾ ضرورت پوڻ تي ساٿ ڏنو، ماضي ۾ پيپلز پارٽي کي احتساب جي نالي تي نشانو بڻايو ويو، جڏهن آصف زرداري پهريون ڀيرو چونڊجي آيو ته ڪو به سياسي قيدي نه هو، بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جي دور ۾ منهنجي پڦي کي گرفتار ڪيو ويو ويو، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، ايستائين جو جيل مينوئل ئي تبديل ڪيا ويا، پر هاڻي جيل مينوئل جي تبديلي ۽ سهولتن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، اسين سياسي طور تي ڪنهن کي به نشانو بڻائڻ جي حق ۾ نه آهيون، مسئلن جي حل لاءِ پ پ ڳالهين ۾ يقين رکي ٿي، هن چيو ته آصف زرداري گهڻو عرصو جيل ۾ رهيو، جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته اسان چيو ته نيب جي احتساب جي نظام کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، ٻي پاسي عمرڪوٽ جي نمائندي موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاھه، ايم اين اي مير منور ٽالپر، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان، جميل سومرو، قاسم سراج سومرو ،مھيش ڪمار ملاڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڪنري ڀرسان مانجھاڪر پھچي نواب تيمور ٽالپر ۽ نواب يونس ٽالپر سان والد نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو، ان بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ کاروڙو سيد پهچي پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر نور علي شاهه جي ڀاءُ، ايم پي اي سيد امير علي شاھ جي چاچي ۽ صوبائي وزير تعليم ۽ معدنيات سيد سردار علي شاهه جي مامي سيد نواز علي شاھه جي وڇوڙي تي دعا گهري ڏک اظهار ڪيو، بلاول جي آمد تي سنڌڙي ايئرپورٽ کان باءِ روڊ تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، صحافين سان ڳالھه ٻولهه نه ڪئي.