اپوزيشن جي قومي ڪانفرنس، حڪومت تي رنڊڪن جو الزام

اسلام آباد(م ڊ / بيورو) اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سڏ تي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي نالي سان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس پهرين ڏينهن هڪ هوٽل جي بند ڪمري ۾ ٿي، جنهن ۾ جي ڊي اي پاران ڊاڪٽر صفدرعباسي، سيد زين شاهه، حسنين مرزا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مولانا فضل الرحمان جي جميعت علماءِ اسلام ان ڪانفرنس جو حصو ناهي، پر چيو وڃي ٿو ته جي يو آءِ کي دعوت ڏني وئي آهي، مولانا فضل الرحمان وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندو، ڪالهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي ڪانفرنس ڪرڻ نه ٿي ڏني وڃي، 3 ڀيرا هنڌ تبديل ڪيو آهي، حڪومت ڊڄي ٿي ته آئين جي نالي تي ڪانفرنس نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته آئين جو لفظ حڪومت لاءِ ڊيڄاريندڙ لفظ بڻجي ويو آهي، آواز کي دٻائڻ لاءِ پيڪا قانون ٺاهيو ويو، عدليا کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي، اسان جي عدليا جو نظام اهڙو آهي جو چيف جسٽس هڪ بئنچ به ٺاهي نه ٿو سگهي، هن چيو ته جيستائين آئين ۽ قانون جي حڪمراني نه هوندي تيستائين ملڪ مان سياسي ڏڦيڙ ختم نه ٿيندي نه وري معيشيت مضبوط ٿيندي، ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته رياستي ادارن ۽ فوج کانسواءِ ڪو به ملڪ نٿو هلي سگهي، ملڪ کي مليل آزادي جو ثمر هيٺين سطح تي ناهي ويو، پاڪستان جون ڳجهيون ايجنسيون پھرين پاڻ ماڻهن کي ڪرپٽ ڪنديون آهن، انهن جا فائل ٺاهينديون آهن پوءِ انهن جي هٿن ۾ اقتدار ڏين ٿيون، اسان جي ماڻهن کي حڪمراني جي حق ۾ ڀائيوار ناهي بڻايو ويو، حق گهرڻ تي الزام لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن، اچڪزئي چيو ته ڪيئي سال قيد ۾ ڪاٽيا پر پاڪستان خلاف نه ويس، 8 فيبروري جي چونڊن ۾ آئين جون ڌڄيون اڏايون ويون، اسين هن ملڪ ۾ حڪمراني جو حق چاهيون ٿا، جيڪو حق صرف آئين جي حڪمراني سان ئي ملندو، ڪانفرنس جو پهريون ڏينهن ختم ٿيڻ بعد اپوزيشن گرينڊ الائنس جي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي  شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ قومي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، گذريل هڪ هفتي کان هڪ جڳهه لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، پهرين جاءِ رد ڪئي وئي ۽ پوءِ ٻي جاءِ بند ڪئي وئي، چيو ويو ته ڪرڪيٽ ٽيم کي گذارڻو آهي، ٽئين هنڌ تي انتظاميه اچي چيو ته جيڪڏهن ڪا ڪانفرنس ٿي ته مارڪيٽ کي سيل ڪري ڇڏينداسين، پر اڄ اسان ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ صحافي، وڪيل ۽ ٻيا سياستدان آيا، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي وئي، ڪنهن به قسم جي اشتعال انگيزي نه ڪئي وئي، ان باوجود ڪجهه ماڻهن اچي هوٽل انتظاميا کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪانفرنس ٿي ته هوٽل بند ڪئي ويندي، شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته هي ڪانفرنس ضرور ٿيندي، اهو اسان جو حق آهي، اهو حڪومت جي ڪمزوري جو ثبوت آهي جو هڪ ڪانفرنس کان ڊڄي 20 کان 25 ارب رپين جا اشتهار ڏنا ويا آهن، اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ آئين جي بقا ۽ مستقبل لاءِ وڪيلن ۽ سياستدانن ڳالهائين ٿا ته روڪيو پيو وڃي، مون تي اعتراض اٿاريو ويو ته عمر ايوب بلوچستان جي ڳالهه نه ڪري، اسين انسٽالڊ رجيم کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن سڀاڻي اهڙي ڪارروائي ڪئي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان چيف جسٽس آف پاڪستان جو دروازو کڙڪائيندس، هوڏانهن رات دير سان هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته مون ايتري ڪمزور حڪومت 37 سالن ۾ ناهي ڏٺي، صبح 10 وڳي ڪانفرنس لاءِ وينداسين، ڏسو حڪومت ڇا ٿي ڪري، هي ڪو گرينڊ الائنس ناهي، هي حڪومت هلي نه ٿي سگهي نه وري مسئلا حل ڪري ٿي سگهي، هي حڪومت نه مينڊيٽ رکي سگهي ٿي نه وري صلاحيت رکي ٿي، اهو ممڪن ناهي ته اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو ۽ ملڪ هلندو رهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.