سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا حل ڪيا وڃن، پاڻي مسئلي کي سنجيده وٺڻو پوندو: آصف زرداري

لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻن صدر آصف زرداري آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. آصف زرداري جو چوڻ آهي ته  سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا حل نه پيا ٿين. پاڻي جي مسئلي تي سنجيدهه ٿيڻو پوندو.  ڏکڻ پنجاب ۾ گئس جي کوٽ ڇو آهي. اسيمبلي ميمبرن صدر کي ٻڌايو ته بيوروڪريسي اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي، هڪ ايڊيشنل  سيڪريٽري کي ڏنو ويو آهي جنهن جي ڪير به نٿو ٻڌي، لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اسسٽنٽ ڪمشنر به ايڊيشنل سيڪريٽري جي ڳالهه نٿو ٻڌي. صدر آصف زرداري چيو ته اتحادي حڪومت سان گڏ هلڻ سندن مجبوري آهي. پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني وفد ۽ تنظيمي اڳواڻن گورنر هائوس لاهور ۾ صدر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گورنر پنجاب سردار سليم حيدر، پارلياماني ليڊر سيد علي حيدر گيلاني، اڳوڻو گورنر مخدوم احمد محمود، ايم پي اي ممتاز علي چانگ، ملڪ واصف مظهر ران، ڄام رئيس نبيل ۽ ٻيا شامل هئا. صدر زرداري چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن جي تياري ڪريو، اسان کي ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي، پنجاب ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ تمام ضروري آهي، عوامي مسئلن جو حل مڪاني چونڊون آهن. صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان عوام جا ساٿي آهيون ۽ اسان کي عوام جي جنگ وڙهڻي آهي. ان موقعي تي صدر آصف زرداري سوال ڪيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ بجلي ۽ گيس جي کوٽ آهي؟ هن چيو ته پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن. ميمبرن چيو ته مسلم ليگ ن وارن جا ڪم تڪڙا پيا ٿين،  کين بدلي سميت هر ڪم جا فوري آرڊر ڏنا وڃن ٿا. لاهور تي اربين جي بجيٽ رکي وئي، باقي پنجاب هڪ طرف، هي ڪهڙي ميرٽ آهي؟ جيئن ماضيءَ ۾ هڪ ضلعي کي ترقي ڏني پئي وڃي، باقي ضلعا احساس محرومي جو شڪار آهن. پيپلزپارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور جي عوام لاءِ اربين روپين جي سيڙپڪاري ڪري هارس اينڊ ڪيٽل شو منعقد ڪيو ويو، پنجاب ۾ هارين جي حالت خوش آئنده ناهي، هاري هر طرف ڏکيائين ۾ آهن. ميمبرن چيو ته اسان کٽڻ بعد ايوان ۾ آياسين پر اسان جو ڪم ناهي ٿيو. اسان جي پنهنجي حلقي ۾ ن ليگ جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف زرداري چيو ته اوهان جا سمورا خدشا جائز آهن، جلد حل ڪنداسين، اسان هميشه ملڪ ۽ عوام لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته پاڻي جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو،

مون ان جي هر فورم تي نشاندهي ڪئي آهي، بلاول ۽ مان پاڻ پنجاب ۾ ويهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.