احسن ڀون 14 ووٽ کڻي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر بڻجي ويو

اسلام آباد (م ڊ) احسن ڀون ايڊووڪيٽ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر بڻجي ويو، پاڪستان بار ڪائونسل احسن ڀون کي جڊيشل ڪميشن ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پاڪستان بار ڪائونسل موجب احسن  ڀون 14 ووٽ کڻي جڊيشل ڪميشن جو ميمبر چونڊيو آهي ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين ڪميشن جو ميمبر رهندو، جڊيشل ڪميشن ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي جي جاءِ اختر حسين جي استعيفيٰ سبب خالي ٿي هئي.

  1. شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وي سي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس

ڪراچي (م ڊ)شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عائشا عيساڻي قيصر مجيد جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويو آهي، سندس وائيس چانسلر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن گذريل سال 13 آگسٽ تي جاري ڪيو  ويو هو پر هن جوائننگ نه ورتي هئي، کيس 6 مهينا انتظار ڪيو ويو پر هوءَ اسلام آباد جي هڪ يونيورسٽي جي پي وي سي ٿي وئي ۽ شڪارپور اچڻ لاءِ تيار نه هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.