گهارو(ن ع آ)سنڌودرياءَ تي 6ڪئنال ٺاهڻ،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٻئي ڏينهن اشرف پليجو ۽ ضلعي صدرممتازشيخ جي اڳواڻيءَ ۾ گهارو شهر پهچي ويو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ اشرف پليجو، ممتاز شيخ. ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، مرتضيٰ لاشاري پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ وحيد رند ۽ جسقم اڳواڻ اياز جيلاني ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي حملي آور ٿي سنڌ جي ماڻھن کي به رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي پيپلزپارٽي جا وزير ڪينالن جي کوکلي مخالفت ڪري عوام کي بيوقوف بنائي رھيا آھن، هن وقت سموري ڪينالن خلاف سراپا احتجاج آھي پر پيپلز پارٽي جو ڪٿي به احتجاج نظر نٿو اچي.