منشيات نيٽ ورڪ:صوبائي وزير،اڳوڻي ميئر ۽ پوليس آفيسر جي پٽن تي به الزام

اوٽاوا(حنيف دوامي)سنڌ جي هڪ صوبائي وزير  جي پٽ جا مقتول مصطفيٰ عامر،ارمغان ۽ ساحر حسن سان لاڳاپن جا اطلاع،خبر موجب ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته  اهم وزير جو پٽ آئس ۽ ڪوڪين جو سڀ کان  وڏو خريدار آهي،حيدرآباد جي سمورن شيشا ريسٽورنٽس ۾ ان نوجوان پاران منشيات سپلاءِ ڪرڻ جو انڪشاف ذريعن ڪيو آهي،جاچ ۾ پٽ جو نالو اچڻ تي ان وزير جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن،ان وزير پٽ جو نالو جاچ مان ڪڍرائڻ لاءِ سي آءِ اي جي اختيارين سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن،هڪ حاضر سروس پوليس آفيسر جو پٽ ۽ ڀائٽيو منشيات جي ڊيلرن کان ويڊ(منشيات)آئيس ڪوڪين خريد ڪري سرڪاري موبائلن ۾ ڊفينس جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڪرو ڪندا آهن،ٻئي ڄڻا روزاني بنياد تي 50 لک ڪمائي وٺن ٿا،ڊي آءِ جي جو پٽ ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي تناظر ۾ ميڊيا تي خبرن جي زينت بڻجندو رهيو آهي، ڪڏهن اهو رائيفلون کڻي فائرنگ،ڪڏهن تيز گاڏي سان ڪنهن شهري يا عورت کي زخمي ڪندو آهي،جاچ ۾ ٻنهي ڄڻن جا  نالا اچي ويا آهن،ڪراچي جي اڳوڻي ميئر جو پٽ به ان ڌنڌي ۾ ملوث نڪتو آهي،جڏهن ته پوليس ذريعن موجب گذري ٿاڻي جي هڪ اڳوڻي  ايس ايڇ او بابت انڪشاف ٿيو آهي ته  جوابدار ارمغان کان هر مهيني 55 لک رپيا وٺي کيس هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندو هو،جوابدار ساحر حسن کي  سنيپ چيٽ تي منشيات سپلاءِ ڪندڙ ٻن ڀائرن بازل ۽ يحيٰ کي پوليس سرگرمي سان ڳولي رهي آهي،سي آءِ اي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي،هڪ مشهور اداڪاره جو نالو به منشيات واپرائيندڙن جي لسٽ ۾ آيو آهي،ساحر حسن جو نيٽ ورڪ ڊفينس خيابان بخاري ۾ هڪ چانهه جي ڌاٻي تي به منشيات وڪرو ڪندو رهيو آهي ان ڌاٻي جي مالڪياڻي هڪ عورت آهي جنهن کي هڪ رٽائرڊ ڊي ايس پي جي سرپرستي حاصل آهي،

مصطفيٰ عامرڪيس: عدالت پاران جوابدار کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جوحڪم

ڪراچي(رپورٽر) منشيات جي خاتمي واري عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان خلاف ٻن منشيات جي ڪيس جي  ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته جوابدار ارمغان کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيو وڃي، پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار ارمغان 8 سالن کان اعليٰ معيار جي چرس گهرائي رهيو آهي ، پراسيڪيوشن چيو ته جوابدار پهرين جولاءِ 2017 کان 24 اپريل 2019 تائين 9 ڀيرا منشيات گهرائي، پراسيڪيوشن چيو ته جوابدار پنهنجي ۽ پنهنجي پيءُ جي نالن تي منشيات اسمگل ڪئي ، پراسيڪيوشن چيو ته جوابدارجن ڪيسن ۾ اشتهاري ڏنا ويا هئا، ڪيفي ۽ ٻين پارٽين ۾ نشو واپرائيندا هئا.

ارمغان سان گڏجي مصطفيٰ کي جيئرو ساڙيو: شيراز  جو اعتراف

ڪراچي(رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار شيراز به ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته ارمغان سان گڏجي مصطفيٰ کي جيئرو ساڙيو، بيان کي پراسيڪيوشن فائل جو حصو بڻايو ويو، شيراز حسين جي جاچ رپورٽ موجب جوابدار 6 جنوري تي مصطفيٰ جي سڏ تي ارمغان جي گهر ويس جتي اسان ٽنهي نشو ڪيو، ان دوران ارمغان ۽ مصطفيٰ ۾ تڪرار ٿيو ته ارمغان کيس لوهي ڏنڊي سان تشدد ڪيو، ڪمري ۾ لڳل رت ملازمن صاف ڪيو،

ڊفينس جي رهواسين پاران ارمغان جو گهر خالي ڪرائڻ لاءِ عملدارن کي خط

ڪراچي ( رپورٽر) ڊفينس جي رهواسين ارمغان جو گهر خالي ڪرائڻ لاءِ عملدارن کي خط لکي ڇڏيو، مصطفيٰ عامر جي قتل کانپوءِ  ڊفينس جي رهواسين ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ اسٽيشن ڪمانڊر ڊي ايڇ اي ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي خط لکي ارمغان جي والد ڪامران قريشي خلاف ڊي ايڇ اي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي، ڊفينس جي رهواسين خط ۾ چيو آهي ته تازو واقعن سبب شهرين ۾ سيڪيورٽي خدشا پيدا ٿيا آهن، ارمغان جي استعمال ۾ آيل بنگلي نمبر 35 جي اصل مالڪ کي سامهون آندو وڃي ۽ بنگلو ارمغان جي والد ڪامران کان خالي ڪرايو وڃي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بنگلي مان هوائي فائرنگ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو، جڏهن ته بنگلي ۾ 2023 کان 2024 تائين غيرقانوني طور تي شينهن کي به رکيو ويو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ارمغان قريشي 100 پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ رکندو هو، ارمغان پنهنجي گارڊن ذريعي عورتن، گهريلو ملازمن کي حراسان ڪرڻ ۾ به ملوث آهي. 8 فيبروري تي بنگلي ۾ ارمغان ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جو مقابلو ٿيو، جنهن سبب پاڙيوار سخت پريشان رهيا، ٻئي پاسي ان حوالي سان ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا جو موقف به سامهون اچي ويو آهي، ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته 21 فيبروري تي رهائشين جو خط مليو هو، خط تي وڌيڪ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پوليس ٻين ادارن جي مدد سان ارمغان جو استعمال ٿيل بنگلو خالي ڪرائيندي.

مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿيا، عدالت پاران ڪاوڙ

ڪراچي(رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي  عدالت ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار ارمغان ۽ شيراز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته جاچ آفيسر جي نااهلي سبب ڪيس جي شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدارن جي وڪيلن کي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان اڳ نوٽيس ڏنو ويو هو؟عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي شاهدن کي سڀاڻي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي جاچ آفيسر ارمغان جي 2 ملازمن مان 164 جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو هو، شاهدن ۾ ارمغان جا ملازم غلام مصطفيٰ ۽ زوهيب شامل آهن.

دهشت گردي ٽوڙ عدالت نمبر هڪ جي جج جا اختيار ختم

ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 1 جي جج طرفان مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ ملوث مرڪزي جوابدار ارمغان کي پوليس ريمانڊ نه ڏيڻ جو معاملو سامهون اچڻ بعد، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار هاءِ  ڪورٽ سنڌ کي باقاعده خط اماڻيو، خط کي نظر ۾ رکندي سنڌ هاءِ ڪورٽ هن معاملي ۾ ضروري حڪم جاري ڪيا، جن تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 1 جي جج جا اختيار ختم ڪري، باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو. ان کانسواءِ، نوٽيفڪيشن مطابق دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نمبر 3 کي منتظم جج جا اختيار ڏنا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.