رپورٽو آهن ته پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا 70 سيڪڙو ملازمن کي جبري طور تي برطرف ڪرڻ جا ليٽر ڪري ڇڏيا آهن جنهن خلاف پاڪستان اسٽيل ايمپلائيز فرينڊ الائينس قانوني جنگ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ان ليٽر موجب انفرادي طور تي 1377 پورهيت جيڪي پهرين گريڊ کان ستين گريڊ ۽ ايڇ ايس ڊبليو ڪيڊر کي سندن گهرن تي ملازمت ڪرڻ کان ڌار ڪرڻ لاءِ جبري طور برطرف ڪيو ويو آهي جن ۾ اسٽيل مل جا سمورا شعبا جن ۾ خاص طور تي سروسز شعبا جيڪي سيڪيورٽي ٽرانسپورت، پاڻي، بجلي، صحت، تعليم سميت 22 کاتن مان ڄاڻايل پورهيت آهن تن کي بنا جواز جي برطرف ڪيو ويو آهي. معلوم ٿيو آهي ته انچارج اي اينڊ پي وزارت صنعت ۽ پيداوار کي پڻ خط لکيو آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز سوين ارب روپين جي خساري ۾ آهي ۽ مل بند آهي جڏهن ته مل کي هلائڻ لاءِ تمام گهڻو سرمايو گهربل آهي. هن وقت ملازمن جي پگهارن لاءِ ڪنهن به قسم جا فنڊ ناهن تنهن ڪري ملازمن کي فارغ ڪيو پيو وڃي. رپورٽ موجب پاڪستان اسٽيل مل 22 سئو ملازم ڪم ڪري رهيا هيا جن مان 13073 ملازمن کي ٻين ڏينهن اندر برطرف ڪرڻ جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن جن کي ذريعن مطابق جون 2025 تائين فارغ ڪري مل جا اثاثا حڪومتي پاليسي تحت نيلام ڪيا ويندا. جڏهن ته مل جي 19000 ايڪڙ زمين مان 6000 ايڪڙ زمين کپائي وئي آهي. آيل آمدني بابت ڪنهن به قسم جي آڊٽ به سامهون ناهي آئي نه ئي وري مليل قرض لاءِ ڏني وئي آهي ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل مل ڏانهن ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن گئس، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جون اربين روپين جون رهتون رهيل آهن جڏهن ته جيڪي ملازم 60 سالن جي عمر کانپوءِ رٽائرڊ ٿيا تن کي به هي ادارو رهتون ادا نه ڪري سگهيو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان اسٽيل ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل مل جي بدران پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ان ظالماڻي عمل خلاف اسان عدالت جو در کڙڪائينداسينa. رپورٽن موجب برطرف ڪيل اڪثر ملازم 20 کان 30 سالن تائين اسٽيل مل ۾ نوڪري تي هيا. اسٽيل مل جي انتظاميا جي موجب 2015 کان بند مل 212 ارب روپين جي گهوٽالي کي منهن ڏئي رهي آهي ان موجب موجوده صورتحال ۾ ٻن سالن تائين ملز هلڻ جا ڪي امڪان ناهن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اسٽيل مل مان هر قيمت تي جند ڇڏائڻ چاهي ٿي ۽ ان به مرحيلوار پورهيتن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي پر هيءَ اسٽيل مل جيئن ته پ پ جي باني ذوالفقار علي ڀُٽو جي سوکڙي ۽ يادگار نشاني آهي ته پنهنجو خيال هيو ته پ پ جيڪا وفاقي حڪومت جو حصو آهي ۽ آصف علي زرداري ان اتحادي حڪومت ۾ صدر مملڪت آهي ته اهو يقيني طور تي اسٽيل مل کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو. وچ تي اهي به خبرون آيون هيون ته سنڌ حڪومت وفاق کان اسٽيل مل جو اثاثو سنڀالڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت ان تي ڪو اعتراض نه واريو هو پر ان معاملي ۾ وري ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي ۽ ڳالهه اتي ئي بيهي وئي. هاڻي جڏهن اسٽيل مل مان پورهيتن جي هڪ کيپ کي وري برطرف ڪرڻ جو ليٽر جاري ٿيو آهي ته سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسٽيل مل جي بحالي جو ڇا واقعي به هاڻي ڪو امڪان ناهي رهيو، ڪو آسرو ڪجي يا نه
اسان گذريل سال ان معاملي تي ايڊيٽوريل لکيو هو ته جيڪڏهن پ پ اسٽيل مل کي سنڌ جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿي ۽ ان کي سنڀالي سگهي ٿي ته ان عمل جي دل جي گهراين سان آجيان ڪبي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ڌرين جو اهو خيال هو ته جيئن پ پ حڪومت ٻين ادارن کي تباهه ڪيو آهي تيئن اسٽيل مل جو به حشر ٿيندو پر پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ دعويٰ ڪئي هئي ته اسٽيل مل جيئن ته سنڌ جي زمين تي آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي ته اسان ان اسٽيل مل کي وفاق کان وٺي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪنداسين ۽ اسٽيل مل جو نئون اسٽرڪچر ٺاهي ان کي بحال ڪنداسين ته هڪ اميد پيدا ٿي پر افسوس ته ان تي وڌيڪ ڪو ڪم نه ٿي سگهيو ۽ هوڏانهن اسٽيل مل جي پورهيتن جي برطرفي جو عمل به هلندڙ آهي.
اسان جو خيال آهي ته وفاق هجي يا صوبائي حڪومت انهن کي پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. ادارا ملڪن جا اثاثا ۽ سڃاڻپ هوندا آهن پر افسوس خاص ڪري مسلم ليگ (ن) جي حڪومت تي آهي جنهن هميشه ملڪي ادارن کي وڪڻڻ ۽ خانگائڻ جي پاليسين تي عمل ڪيو آهي. ادارن مان ڊائون سائيزنگ جو ڪلچر به ان حڪمران جماعت ئي متعارف ڪرايو آهي. هاڻي به مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت ساڳي پاليسي تي گامزن آهي. سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن حڪومتون ملڪي ادارن کي سنڀالي نه ٿيون سگهن ته پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي کي قبوليندي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي بجاءِ ان جي ته ادارن کي وڪڻي ۽ ملازمن توڙي پورهيتن کي بيروزگار ڪجي.اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته 1988ع کان واري واري سان پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) جون ئي جماعتون حڪومتون ڪنديون رهيون آهن پر سندن ڪارڪردگيءَ ملڪ، ،ملڪي ادارن توڙي عوام کي ڪنگال ئي ڪري ڇڏيو آهي. اها نااهليءَ ناهي ته ٻيو ڇا آهي. سو حڪمران جماعتون ادارن کي خانگائڻ يا وڪرو ڪرڻ ۽ پورهيتن توڙي ملازن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بدران جيڪر پاڻ کي گهر ڀيڙو ڪن ۽ پنهنجي ناڪامي تسلم ڪندي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏين ته اهو بهتر آهي