ملڪ جو سڀ کان وڏو صنعتي ادارو سمجهيو ويندڙ پاڪستان اسٽيل ملز جيڪو هن وقت ماضي بڻجي چڪو آهي ۽ وفاقي حڪمرانن هن قومي اداري سان جتي تمام گهڻيون ويساهه گهاتيون ڪيون اتي هن قومي صنعتي اداري جي پورهيتن سان به گهٽ نه ڪئي آهي پاڪستان اسٽيل جي بدولت ملڪ ايٽمي قوت بڻيو پر ماضي جي حڪمرانن توڙي حال ويٺل وفاقي واڳ ڌڻين فقط اعلان ڪيا ته هي ادارو ماضي جيان وري پنهنجي آب ۽ تاب ۾ آندو ويندو پر اهڙا اعلان فقط سياسي طور تي هئا جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هو.
اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اسٽيل ملز جو بنياد رکيو سندن ويزن هو ته پاڪستان کي صنعتي ترقي کي هٿي وٺائيندي ملڪ ۾ صنعتي انقلاب برپا ڪجي پر بدقسمتي سان 20 جون 2015ع تي نواز سرڪار پاران اڳوڻي گئس ۽ پيٽروليم جي وفاقي وزير مفتيٰ اسماعيل پاڪستان اسٽيل جي گئس بند ڪئي، ان وقت اسٽيل مل جي پيداوار 65 سيڪڙو تي هلندي رهي هئي هن اداري جي بندش جو فقط فائدو اتفاق فائونڊري کي پهچائڻو هو هن قومي اداري کي سياسي ڄورون چنبڙي ويون
پاڪستان اسٽيل ملز اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويزن مطابق مل جو ڍانچو پيداوار جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي پاڪستان اسٽيل ملز روس جي سهڪار سان 25 ارب رپين جي لاڳت سان تيار ٿي هئي هن اداري ماضي ۾ پيداواري هدف حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاق کي 110 ارب رپيا ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس جي مد ۾ وفاق کي ادا ڪيا پاڪستان اسٽيل ملز جو جڏهن عروج هو تڏهن هن صنعت سان سڌي يا اڻ سڌي طرح هڪ لک خاندان روزگار وابسته هو
اسٽيل ملز مان تازو 1372 پورهيتن کي برطرف ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي 828 ملازم رهيا آهن جن کي به مرحليوار جبري طور تي برطرف ڪرڻ جو وفاق ارادو رکي ٿو، هڪ طرف پاڪستان اسٽيل ملز مان برطرفين جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف اداري مان اربين روپين جون لوهه جون چوريون به معمول بڻيل آهن، آڊٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان اسٽيل ملز جنهن جو خسارو پيداوار بند هئڻ سبب 212 ارب روپيا وڌي چڪو آهي جڏهن ته مل جي مخصوص ڪيل زمين جيڪا 19 هزار ايڪڙ آهي تنهن ۾ وفاق اکيون وجهيون ويٺو آهي ته جيئن قيمتي زمين تين وال ڪري من پسند سرمائيڪارن حوالي ڪجي بظاهر حڪمران طبقو مل جي قرضن کي ادا ڪرڻ لاءِ زمين جو وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا پر سنڌ حڪومت جڏهن هن اداري جي توسيع منصوبي ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ صنعتي ادارا قائم ڪرڻ لاءِ هي زمين ڏني هئي اهڙو مقصد نه حاصل ٿيڻ ڪري سنڌ سرڪار زمين واپس وٺڻ لاءِ وفاق کي ڪيترائي ڀيرا خط لکيا پر وفاق هن وقت تائين ٽن مرحلن ۾ 4 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين پورٽ قاسم ۽ بن قاسم انڊسٽريل اسٽيٽ جي نالي سان وڪرو ڪري چڪو آهي، زمين جي وڪري مان آيل آمدني جي به آڊٽ نه ٿي سگهي آهي ته آخر اها ايڏي وڏي رقم ڪيڏانهن وئي.
هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن اداري مان پورهيتن جون جبري برطرفيون ۽ رٽائرڊ ملازمن جون رهتون به ادا نه ٿي سگهيون آهن پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ اعلان ڪيا پر ان جي ڪنهن به اعلان تي عملدرآمد نه ٿيو، برطرف پورهيت جن جي گهرن جا چلها اجهامي چڪا آهن ۽ سندن ڪٽنب بک ۽ بدحالي طرف وڌيو آهي اتي هو انصاف جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان پيپلزپارٽي ڏانهن نهارين ٿا، گذريل ڏينهن برطرف ٿيل سوين پورهيتن پڻ اهو سوال ڪيو آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو؟.