ڪراچي ۾ گٽڪي مائي جي وڌندڙ صنعت ۽ پوليس جي سرپرستي ۾ زهر جو ڪاروبار

تحرير: حفيظ شيخ

ڪراچي جيڪا پاڪستان جو معاشي حب سڏجي ٿي جتي هر روز هزارين ماڻهو پنهنجي روزگار،تعليم ۽ ٻين مقصدن لاءِ ھن شھر جو رخ ڪندا آھن پر افسوس جو هي شهر هاڻي صحت لاءِ تباهيندڙ غيرقانوني ڪاروبارن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي خاص ڪري گٽڪي مائي جو واپار تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن ۾ پوليس جو ڪردار انتهائي شرمناڪ نظر اچي ٿو. ڪراچي ۾ گٽڪي ۽ مائي جو ڪاروبار ڪنهن کان ڳجهو ناهي دڪانن، ڪيبنن، بازارن کان وٺي گهٽين ۽ ڳوٺن تائين هي زهر سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي هر هنڌ نوجوان، مزدور، اسڪولي شاگرد ۽ عام شهري ان جي ور چڙهندي نظر اچن ٿا طبي ماهرن موجب هي زهريلو مواد ڪينسر، دل جي بيمارين ۽ ٻين موتمار بيمارين جو سبب بڻجي ٿو ڪراچي ۾ گٽڪي ۽ مائي جو ڪاروبار پوليس جي مبينا سرپرستي ۾ وڌي ڪروڙين روپين جي صنعت بڻجي ويو آھي مختلف ٿاڻن جا اهلڪار هر مهيني لکين رپيا رشوت وٺي هن ڪاروبار کي هلڻ جي سھولتڪاري ڪن ٿا مارڪيٽن، دڪانن ۽ ڪارخانن تي ڇاپن جو فقط ڏيکاءُ ڪري اصل ۾ ڪاروبار هلائيندڙ وڏن نالن کي بچايو ويندو آھي شاھ لطيف ٽائون، سکن،ملير، لياري، ڪورنگي، سچل، نيو ڪراچي ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس اهلڪارن تي الزام آهن ته اهي دڪاندارن ۽ ڪارخاني وارن کان ھفتيوار ۽ ماھوار لکيم روپيا رشوت وٺي انهن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪ ٿيل آڊيو ڪال مان به اهو ثابت ٿيو ته پوليس آفيسر ۽ بااثر ماڻهو هن ڌنڌي مان پنهنجي حصي جا لکين رپيا ٺاهي رهيا آهن.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن گٽڪي ۽ مائي تي قانوني بندش آهي ته پوءِ هي ڌنڌو بند ٿيڻ بجاءِ وڌنڌو ڇو ٿو وڃي؟ ان جو سولو جواب آهي قانون تي عمل نه ٿيڻ ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ جيڪو سياستدان پوليس ڏئي رھيا آھن. حڪومت ڪيترائي ڀيرا گٽڪي ۽ مائي تي پابندي لڳائڻ جا اعلان ڪيا پر عمل اڄ تائين نظر نه آيو پوليس جيڪا رشوت وٺي هن ڪاروبار کي تحفظ ڏئي رهي آهي. سياستدان جيڪي هن غيرقانوني ڌنڌي کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا صحت کاتو، جيڪو هن وبا کي روڪڻ لاءِ حقيقي قدم کڻڻ بدران صرف رپورٽون ٺاهي ٿو اسان پاڻ جيڪي هن غيرقانوني زھر جو وکر جيان وڪرو ڏسي به خاموش آهيون پوليس جي اندروني سڌاري لاءِ سخت قدم کڻن جي ضرورت آھي جنھن ۾ ڪرپٽ اهلڪارن کي برطرف ڪري ايماندار آفيسرن کي ذميواري ڏيڻ گهرجي. گٽڪي ۽ مائي ٺاهيندڙ ڪارخانن تي حقيقي ڪارروايون ڪري وڏن ڊيلرن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس هلائڻ گهرجن

عوامي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪميونٽي سينٽرن ۾ آگاهي مهم هلائڻ گهرجي جيڪڏهن حڪومت سچ ۾ چاهي ٿي ته هي زهر بند ٿئي ته پوءِ ان لاءِ سخت قانون بڻائڻ ۽ انهن تي بنا ڪنهن اثر رسوخ جي عمل ڪرڻ ضروري آهي. ڪراچي ۾ گٽڪي ۽ مائي جو واپار صرف هڪ غيرقانوني ڪاروبار ناهي پر هي هزارين زندگيون تباهه ڪندڙ هڪ خوفناڪ صنعت بڻجي چڪو آهي جيڪڏهن پوليس، حڪومت، صحت کاتو ۽ عوام سنجيدگي سان قدم نه کنيا ته ايندڙ نسل به هن زهر جو شڪار ٿيندو ۽ نوجوان مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندا وقت اچي ويو آهي ته اسان خاموشي ٽوڙي ان خلاف ڀرپور آواز اٿاريون.ڇاڪاڻ هڪ صحتمند معاشرو ئي هڪ بهتر مستقبل جي ضمانت آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.