پاڪستان، ڊيپ اسٽيٽ ۽منشيات جو عالمي ڌنڌو

تحرير: محسن آرائين

جڏھن ھڪ آمريڪي عهديدار چيو ھو  ته پاڪستان هڪ ڊيپ اسٽيٽ آهي،ان وقت مون کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي ھئي، پر جڏهن مون  ان اسٽيٽ جو اڀياس ڪوي تھ مون کي اھو لفظ تمام ننڍڙو لڳو.ارمغان جو پيءُ گذريل ٽيهه سالن کان اسمگلنگ ۽ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي، پر ايجنسين کي ڪا خبر نھ  آهي.سندس 24 سالن جو پٽ منشيات، مني لانڊرنگ،عالمي  بينڪ  فراڊ،ڀنگ لاءِ اغوا، ڪوڙاسڃاڻپ ڪارڊ ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان ريپ جھڙن ڏوھن ۾ ملوث آهي، پر نادرا ۽ ايجنسيون ننڊ ۾ ستل آهن.

اداڪار ساجد حسن جو پٽ ڪراچي ۾ منشيات جو ھول سول جو واپاري آھي.، ايجنسيون ننڊ ۾ کونگھرا هڻي رهيون آهن چوويهه سالن جو مصطفيٰ  عامر ھڪ ڊگهي عرصي کان نان ڪسٽم گاڏين ۽ منشيات جي عالمي ڌنڌي ۾ ملوث آهي، پر ايجنسيون ان کان بي خبر آهن (۽ سندس پيءُ ڪسٽم آفيسر  رھيو آھي.هن ملڪ ۾ افغاني هيروئن ۽ هٿيار کڻي اچي ھن کي  وڪرو ڪري رھيا آھن.

ايران مان هزارين بيرل پيٽرول پشاور، لاهور ۽ ڪراچي جي پيٽرول پمپن تي وڪرو ٿي رهيو آهي. اهو ظاهر آهي ته  250 چيڪ پوسٽون ڪراس ڪڻ کان پوءِ ايندو آهي. تھ پوءِ سوال اھو آھي ته اهي هٿيار، منشيات ۽ پيٽرول ڪيئن ايندو آهي؟  اقتدار ۾ ويٺل حڪمران ۽ بااختيار حڪمران، جنرل، جج، سياستدان، ڪمشنرز، پوليس آفيسر، انھن کي خبر نھ آھي تھ اھو سامان ڪٿان ايندو آهي؟ ظاهر آهي، انهن کي ان جو حصو ملي ٿو وڃي،جيڪو انھن کي دبئي ۾ ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ استعمال ۾ اچي ٿو.

ارمغان جو پيءُ پاڻ کي هڪ ايجنسي جو ايجنٽ سڏرائي ٿو، ان تي ڪير ڇو نٿو ڳالهائي؟ ڇاڪاڻ ته  سڀئي حمام ۾ اگھاڙا آهن.جڏهن ڪا طوائف ڳالھھ کولي ٿي تھ اھا رڳو اگھاڙي نھ ھوندي آھي پر  پوءِ هوءَ سڄي اشرافيه کي اگھاڙو ڪندي آهي.مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ ملوث ارمغان جي پيشي دوران جج بھ نظر نٿو ملائي، رمانڊ ۾ واڌ کي روڪي ڇڏي ٿو.ڄڻ ارمغان کان قرض ورتو هجي يا ڌيءَ ڏني هجيس.انهيءَ دوران اعليٰ پوليس آفيسر ثبوت مٽائڻ ۾ مصروف  رھيا.نھ ڄاڻ ڪراچي ۾ ارمغان جهڙا ڪيترا منشيات  فروش ۽ فراڊ جا ڊيلرز موجود آهن؟

ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي روڊن تي روزانو 70 ,،70 ڪروڙ  جون نان ڪسٽم بم پروف گاڏيون (جن تي شڪي خانگي سيڪيورٽي گارڊ ويٺل نظر اچن ٿا،جيڪي سائرن وڄائيندي، چيريندي چنگھارينديون آھن، پري ٿيو، پري ٿيو، نه ته توهان چٿجي  ويندا) ان سنگين ڏوھي ڪاروبار ۾ ملوث آهن.نتاشا نالي هڪ برطانوي، جيڪا بنا لائسنس  گاڏي هلائي رهي ھئي. ڇهن ماڻهن کي ڇٿي ماري ڇڏيو.عدالتون  ھن جو وار نھ ونگو نھ ڪري سگھيون.کيس تھ اسلام به تحفظ ڏنو ۽ جنھن بابت چيو وڃي ٿو ته سندس خليفا انصاف ڪندا هئا. پوءِ اھا انصاف جي عدالت جي منهن ۾ پئسا اڇلائي باعزت آزاد ٿي وئي.حلانڪھ جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني وٽ لائسنس نه هجي ته ان مٿان روڊ تي سرعام تشدد ڪيو وڃي ٿو.

ڪراچي جي ماڻهن جي نفرت جو اھو حال آھي جو جيڪڏهن ڪو ڊمپر موٽرسائيڪل سوار کي چٿي ٿو، تھ ان کي ساڙيو ويندو آهي.پر نتاشا جي گاڏي کي مڪمل تحفظ عوام ڏنو.پر ھن کي  رينجرز  بازار مان  ُجوس وٺي بھ  پياريو. ايجنسيون ڄاڻن ٿيون يا نه پر هڪ عالمي سروي موجب دبئي جي معيشت جو 70 سيڪڙو پاڪستاني ڪرپشن جي پئسن تي بيٺل آهي.

جيڪڏهن ڪا ايماندار حڪومت هجي ۽ اھي پئسا واپس  گهري وٺي تھ سڄي دبئي جي حالت واپس سنڌ جي ان ڳوٺ جھڙي ٿي وڃي.جتي صرف ڀٽو زنده آهي. پر سوال اهو آهي ته اھي پئسا ڪير واپس آڻيندو؟ جنرل؟ جنھن جا پنهنجا ٻار دبئي ۾ ويٺا آهن، جتي انهن جا پنهنجا اڪائونٽ آهن يا آمريڪا ۾ پيزا شاپس آهن.سياستدان؟ بيوروڪريٽس؟ اعليٰ پوليس آفيسر؟ججن؟ يااسٽيبلشمينٽ ؟ تاريخ ۾ هڪ  قصو مشهور آهي ته هڪ عورت کي زنا جي الزام ۾ سنگسار ڪرڻ جي سزا ڏني وئي هئي.عورت کي رسي سان ٻڌو ويو هو.ماڻهن کيس مارڻ لاءِ پٿر ھٿن ۾ کنيا.ان عورت رڙ ڪري چيو ؛ مونکي پھريون پٿر اھو ھڻي جنهن ڪڏھن زنا نه ڪئي آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته دبئي مان پئسا ڪير واپس آڻيندو؟ ھتي تھ سڀ چور۽ لوفر آهن..ڌاڙيل آهن. رھزن آهن.بس ليپ ٽاپ ،اٽو، کنڊ ۽ بينظير انڪم  سپورٽ اسڪيم تحت ڪجهه هزار ورهائيندا وڃو.پر شعور نه ڏيو.ڇاڪاڻ ته هڪ ڀيرو شعور اچي ويندو، عوام ان ذريعي انهن ڏوهارين جي ڳلي مان پنهنجو پئسو ڪڍي وٺندو.پر سٺي خبر اها آهي ته توهان جو  ڪيترو ئي ايندڙ نسل دبئي، آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ وڌيڪ عيش عشرت مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.ڇاڪاڻ  هن قوم ۾ شعور  اچڻ ۾ اڃا ڪيتريون ئي صديون لڳنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.