ضلعو ٽنڊوالهيار جيڪو ايگريڪلچرل جي حوالي سان مشهور آهي ۽ سڃاتو ويندو آهي، پر ڪيتري ئي عرصي کان انتظاميا جي لاپرواهي سبب پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو آهي، منشيات جي وڪري ۽ واهپي نوجوانن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترائي نوجوان ٻڍا، عورتون منشيات وڪري سبب ڪينسر ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ڪجهه ئي عرصي اندر صرف چمبڙ شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ منشيات جي واهپي سبب ڪينسر ۾ وٺجي فوت ٿيلن جو تعداد پنجاهه تائين ٿي چڪو آهي ۽ 40 جي لڳ ڀڳ اڃان تائين ڪينسر ۾ مبتلا ٿي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيا آهن.
چمبڙ سميت سڄي ضلعي ۾ جتي اڳ ۾ منشيات فروش سرعام منشيات وڪرو ڪندا هئا ۽ منشيات خلاف لکندڙ قلمڪارن ۽ ان جي فيملي تي قاتلاڻا حملا ڪندا هئا اڄ ٽنڊوالهيار ۾ سيد سليم شاهه جي بطور ايس ايس پي پوسٽنگ ٿيندي ئي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، ايس ايس پي سيد سليم شاهه جي هي ٽنڊوالهيار ۾ پهرين مقرري ناهي ان کان پهرين به هو ڇهه مهينن تائين بطور ايس ايس پي ٽنڊوالهيار چارج سنڀالي چڪو آهي ۽ انهن ڇهن مهينن اندر انهي منشيات خلاف ايتريون ته ڪارروايون ڪيون جو منشيات جا وڏا وڏا ڊيلر توبهه تائب ٿي گهر ويهي رهيا ۽ قسم نامي تي لکي ڏنائون ته اسين وري منشيات نه هلائينداسين , ڇهن مهينن جي اندر سوين منشيات فروش گرفتار ٿيا ۽ سموري ضلعي ۾ 80 سيڪڙو منشيات ختم ٿي، ۽ هيئنر سيد سليم شاهه مقرر ٿيندي ئي سڀني تعلقن جي ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز کي گهرائي انهن کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر پنهنجي پنهنجي ضلعي مان منشيات جو وڪرو بند ڪرائي منشيات فروشن خلاف ڪاروايون ڪيون جيڪڏهن ڪنهن به ٿاڻي جي حد مان منشيات وڪري جي اطلاع ملي ته ان ٿاڻي جي عملدار خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، سائين کان ته سڀ عملدار واقف آهن بس دير ئي نه ٿي علائقي مان منشيات ائين غائب ٿي وئي جيئن منشيات هلندڙ ئي نه هئي.
سيد سليم شاهه هڪ انٽرويو دوران پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته منشيات فروشن خلاف اهڙا ته مضبوط ڪيس ٺاهينداسين جو انهن جي هڪدم ضمانت به نه ٿيندي ۽ آئون ٽنڊوالهيار بار وڃي وڪيل اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين به منشيات خلاف ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪندس، ۽ هن ائين به چيو ته آئون صحافي دوستن کي به چوندس ته جتي جتي منشيات هلي اتي اوهان نشاندهي ڪيو پوليس اتي ڪارروائي ڪندي ۽ صحافين جو تحفظ به ڪندي، ايس ايس پي جي انهي سوچ جو خيرمقدم ڪجي ٿو ۽ آئون پنهنجي هن ڊائري ۾ اها دعوا نٿي ڪيان ته منشيات بلڪل بند ٿي وئي آهي پر اهو ضرور چوندس ته سئو مان اسي سيڪڙو منشيات بلڪل بند آهي. ڪي ڪي علائقا اهڙا آهن جتي اڃان تائين مقامي پوليس جي سرپرستي ۾ لڪ ڇپ ۾ منشيات جو وڪرو جاري آهي، پر هاڻ اسان صحافين جو به اهو فرض ٿئي ٿو ته جتي جتي منشيات هلي اتي نشاندهي ڪيون ته جيئن اسان جو علائقو منشيات کان پاڪ ٿي سگهي.
آئون هن ڊائري وسيلي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کي اها به اپيل ڪنديس ته ڪافي اهڙا سفيد پوش وڏيرا آهن جن جي سرپرستي ۾ منشيات جو وڪرو ٿيندو آهي ۽ پوليس ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي ڪاريون رڍون آهن جيڪي منشيات جي وڪري ۾ سڌي طرح ملوث آهن، خاص ڪري مقامي اهلڪار، ڇو جو اسان وٽ چمبڙ ۾ اهڙا ڪيترائي مقامي اهلڪار آهن جيڪي سالن کان پنهنجي ئي علائقي جي پوليس اسٽيشن ۾ مقرر آهن ۽ جڏهن به انهن جي اتفاقن ٽرانسفر ٿي به ويندي آهي ته اهي ٻئي ڏينهن وري ساڳئي پنهنجي علائقي جي پوليس اسٽيشن ۾ واپس ٽرانسفر ڪرائي ايندا آهن اهڙا اهلڪار سڌو سنئون منشيات جي وڪري ۾ ملوث آهن انهن خلاف به انڪوائري ڪري ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، ۽ چمبڙ شهر سميت سموري تعلقي جي سياسي، سماجي اڳواڻن، ڪارڪن، شاگردن، کي به منشيات کي وائکو ڪرڻ گهرجي، جڏهن ضلعي جي پوليس جو سربراهه منشيات خلاف آهي ته اسان کي به ان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جيئن علائقي مان چرس ، آفيم، ڪچو شراب ، وسڪي، مين پڙي سفينا گٽڪو ختم ٿي سگهي.