ٽئين عالمي جنگ بابت ڏنل ٽرمپ جو بيان

تحرير: سڪندر چنو

ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چونڊجڻ وڏي اهميت رکي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو عمران خان جيان يوٽرن جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو تازو عالمي ميڊيا جي مارڪيٽ ۾ سندس ٽين عالمي جنگ لڳڻ واري بيان دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر دنيا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته روس يوڪرين ۽ فلسطين اسرائيل وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب ٽين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي.

سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ٽرمپ جي صدارت ٽين عالمي جنگ کي روڪڻ چاهيندي؟ آمريڪا تازو جيڪا يوڪرين بابت پاليسي اختيار ڪئي آهي ان مان به لڳي ٿو ته ٽين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي. ڏکڻ، اولهه ۽ اوڀر ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن ان مان به لڳي ٿو ته ٽين عالمي جنگ جو طبل وڃي سگهي ٿو.

هڪ ٻي اڳڪٿي تي ذڪر ڪنداسين. ٽين عالمي جنگ جي حوالي سان هڪ لکيل خط جو به ذڪر اچي ٿو. 15 آگسٽ 1871 تي آمريڪي فوج جي هڪ ڪيپٽن البرٽ پائيڪ آمريڪا جي هڪ سول جنگ دوران اٽلي جي هڪ سياستدان گوسيپ مزيني کي لکيو هو. ان خط ۾ هڪ عالمي حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ ٽن جنگين جي منصوبابندي جو ذڪر ملي ٿو. لکيل خط ۾ پهرين ۽ ٻي عالمي جنگين جي منصوبابندي جو تفصيل موجود آهي ته هي ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو وڙهيون وينديون. هڪ ٽين ۽ حتمي عالمي جنگ جي اڳڪٿي به هن خط جو حصو آهي. برطانوي اخبار ڊيلي اسٽار جي رپورٽ مطابق خط ۾ پهرين ۽ ٻئين عالمي جنگين جي منصوباندي ڪندي لکيو آهي ته پهرين عالمي جنگ وڙهي ڪري، روس جي طاقت کي ختم ڪرڻو آهي ۽ روس کي هڪ ڪميونسٽ ملڪ بڻايو ويندو. ٻي عالمي جنگ نازين ۽ فلسطين کي ختم ڪري اتي اسرائيل کي هڪ خودمختيار ملڪ بڻايو ويندو. ۽ اسرائيل جي رياست قائم ڪرڻ لاءِ وڙهي ويندي. خط مطابق ٽين عالمي جنگ اسلامي دنيا وچ ۾ وڙهي ويندي. ته پوءِ ڇا خط ۾ موجوده شام ۽ عراق ۾ ٿيل جنگين جي صورتحال جو به ذڪر ٺهڪي ٿو؟ ان خط مان لڳي ٿو ته 1871 ۾ ڪيل اڳڪٿي به سچ ثابت  ٿي ته پوءِ سوال وري به ساڳيو ٿو ذهن ۾ اڀري ته ٽن عالمي جنگين جي منصوباندي ڪيترن ئي سو سالن کان پهريان ڪئي ويئي هئي؟ يا ڪنهن روحاني طاقت وسيلي اهڙيون اڳڪٿيون ڪيون ويون؟ هڪ روحاني شخصيت اٿوس سالوم جو به ذڪر اڳڪٿيون ڪندڙن ۾ اچي ٿو. برازيل ملڪ سان تعلق رکندڙ هن نجوميءَ جيڪو زنده نوسٽرا ڊيمس جي نالي سان به مشهور هو. جو چوڻ هو ته ٽين عالمي جنگ سندس توقع کان به جلد لڳي سگهي ٿي پر اها جنگ ائين نه هوندي جهڙي نموني اسين سوچيون ٿا. ٽين عالمي جنگ بابت اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي ته 2025 ۾ ٽين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي.

بهرحال  اولهه، اوڀر، ڏکڻ ۽ اتر جي حالتن مان لڳي ٿو ته ٽين عالمي جنگ تمام ويجهو آهي. روس يوڪرين جي جنگ ۾ آمريڪا ۽ چين جي مداخلت ٽين عالمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. اڳڪٿيون ڪندڙ سالومي مطابق جيڪڏهن ٽين عالمي جنگ لڳي ٿي ته پوءِ اها جنگ روايتي هٿيارن کان هٽي ڪري جديد ٽيڪنالوجي واري جنگ هوندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.