حيدرآباد( رپورٽر) ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف ھاءِ ڪورٽ، سول ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽن ۾ وڪيلن پاران ڪالهھ به بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن جي ڪئمپ قائم، پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن جي عدالت ۾ داخلا بدستور بند، وڪيلن جي ايس ايس پي خلاف نعريبازي، کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ٻئي طرف حيدرآباد ضلعي بار ايسوسيئيشن جي صدر اشعر مجيد کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ طرفان سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل کي لکيو ويو آهي جنھن ۾ حيدرآباد SSP خلاف شڪايت ۽ ضلعي حيدرآباد مان تڪڙي بدلي جو مطالبو ڪيو ويو آھي شڪايتي خط ۾ چيو ويو آھي ته حيدرآباد SSP جي روين سبب عام شهرين ۽ وڪيل برادري کي خدشا آھن ته هن تي اختيارين جي غلط استعمال، لاپرواهي، بدسلوڪي، حراسان ڪرڻ، زمين جي مافيا، ڏوهن ۽ منشيات وارن گروهن جي حمايت جو الزام آھي.