9 مئي واقعي ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ عمران جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 9 مئي سانحي ۽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، سپريم ڪورٽ 9 مئي سانحي جي جڊيشل انڪوائري جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست تي ٻڌڻي 28 فيبروري تي ڪندي، ان سان گڏ سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ داخل درخواستون به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ جي باني ۽ شير افضل مروت ڌانڌلي جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 5 رڪني آئيني بينچ 28 فيبروري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.