تنگواڻي ( رپورٽ : مھتاب ملڪ )تنگواڻي ڀرسان ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_تنگواڻي لنڪ روڊ سان سوئي وال وٽ نامعلوم ھٿياربندن پاران موٽرسائيڪل ڦر مزاحمت دوران گوليون ھڻي زاھد حسين گاجاڻي ،ھادي بخش، نزاڪت علي بخشيو گاجاڻي زخمي ڪيو، ھٿياربند پورھيتن کي زخمي ڪري روڊ تي ڪيرائي موٽرسائيڪل ڪاھي ويا، ڦر مزاحمت دوران زخمي ٿيل نوجوان نزاڪت علي پٽ ھادي بخش گاجاڻي سکر رفر ڪندي فيضو لاڙي وٽ زخمن جا سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو،واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.