ڪراچي (م ڊ) ڊاڪٽر رٿ فائو سول اسپتال ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو ٻڌڻ واري سگهه کان محروم 4 سالن جي ٻار جو ڪامياب آپريشن ڪري ڪوڪليئر امپلانٽ لڳايو ويو. اهڙي سهولت ڪراچي جي ڪنهن ٻي سرڪاري اسپتال ۾ ناهي جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ ان جي قيمت 50 کان 60 لک رپيا آهي. اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خالد بخاري موجب ٻار جي هاڻي 2 مهينا اسپيچ ٿراپي ڪئي ويندي، اسان وارثن کي چيو هو ته اسان مفت ۾ اپلانٽ ڪنداسين، اهو اسان کي هڪ اين جي او ڏنو هو.