سنڌ جو ڪو به معاملو هجي، بس رڳو لياقت جهتيال کي اطلاع ڪرڻ جي دير هوندي هئي، جيڪو جواب ۾ صرف مختصر ورندي ڏيندي ايترو چوندو هو ته ”پهتو پهتو .“ ۽ حقيقت ۾ ٿيندو به ايئن ئي هو، هو اسان کان سڀني کان گهڻو پري يعني گلشن حديد ۾ رهندي به پينا فليڪس يا پلي ڪارڊ ۽ لائوڊ اسپيڪر (ميگا فون) کڻي سڀني کان اڳ ۾ پهچي ويندو هو، ۽ ٻين دوستن جي اچڻ جو خاموشي سان انتظار ڪرڻ جي بدران اڪيلي سر ڪراچي پريس ڪلب تي اڳيان احتجاج ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو هو، تان جو ٻيا به ماڻهو اچي پهچندا هئا.
منهنجي ساڻس واقفيت ڪا گهڻي پراڻي ته ڪانه هئي، پر اهو عرصو هڪ ڏهاڪي تي ٻڌل ضرور آهي. ان عرصي دوران منهنجون ساڻس ڪيئي ڪچهريون ٿيون ۽ رينڪل ڪماري جي زبردستي مذهب تبديلي، ڪارونجهر جي ڪٽائي، ڌاري آبادڪاريءَ توڙي پريا ڪماري جي اغوا سميت ٻين ڪيترن ئي قومي مسئلن جي خلاف ساڻس گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو.
لياقت جهتيال هڪ سنجيده، سلجهيل، حقيقت پسند ۽ نظرياتي ڪارڪن هو، جيڪو زميني حقيقتن، ملڪي توڙي عالمي صورتحال تي گهري نظر ۽ ان جي پرک رکندڙ شخص هو. جيڪو سنڌ جي مڙني مسئلن جو حل، تعليم، ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ پُرامن سياسي جدوجهد کي ئي سمجهندو هو. سياسي ۽ قومي ڪارڪنن جي غير سنجيدگي، هلڙبازي، ڇڙواڳي توڙي خام خيالي مان کيس گهڻي چڙ هوندي هئي، ۽ سندس خيال هوندو هو ته سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي شخصيتن، ذاتي توڙي سياسي ڪردار ۾ فرق هجڻ گهرجي. سياسي ڪارڪنن کي هميشه صالح، باڪردار ۽ ثابت قدم رهڻ گهرجي، کين زميني حقيقتن جو ادراڪ هجڻ گهرجي، جنهن سان مثبت نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، نه ته ڪنهن به خام خيالي يا خوشفهميءَ جو شڪار ٿيڻ وقت جو زيان ۽ پاڻي ولوڙڻ جي مترادف آهي.
لياقت جهتيال جڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ يا سنڌ جي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ويندو هو ته هُو پلي ڪارڊ ۽ لائوڊ اسپيڪر کڻي هوٽلن ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ اتي ويٺل ماڻهن کي سمجهائيندي چوندو هو ته، ٻيلي! ڏاها ٿيو، هوٽلن تي ويهي وقت وڃائڻ جي بدران ڪراچي هلي ڪمايو. ائين ڪرڻ سان هڪ ته اوهان جي معاشي حالت سڌري ويندي، ٻيو پنهنجي ئي شهرن جي مالڪي به ٿي سگهندي. ڪامريڊ لياقت جهتيال انهن ماڻهن مان هرگز به نه هو، جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي رڳو سکڻيون صلاحون ڏيندا آهن، پر هو پاڻ شاهوڪار هجڻ جي باوجود به ننڍا ننڍا ڪم ڪري سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ذاتي ڪاروبار ڪرڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي شروع ڪندو هو، جيڪو ڪڏهن ڪراچي جي علائقي حاجي ڪئمپ مان لنڊا مارڪيٽ مان پراڻا ڪوٽ، بوٽ ۽ جوراب وغيره خريد ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪپڙو وڇائي وڪرو ڪندو هو ته وري ڪڏهن سياسي جلسن ۾ ڪتابن جا اسٽال لڳائيندو ۽ سيٽيون ( قومي عوامي تحريڪ جو چونڊ نشان) وڪرو ڪندو هو. هن منهنجي لاءِ به ڪيئي ننڍا ننڍا ۽ گهٽ سيڙپ وارا ڪاروبار تجويز ڪيا، پر ڪن اڻٽر مجبورين سبب مان اهي ڪم ڪري ته نه سگهيم، پر مستقبل ۾ سندس تجويزن تي عمل ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو.
ڪامريڊ لياقت جهتيال ۽ قاسم پٿر جي سياسي زندگي ۾ مون کي گهڻي ئي هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، قاسم پٿر به قوم ۾ سياسي بيداري لاءِ جهرجهنگ جهاڳيا ۽ جيل ڪاٽيا، لياقت جهتيال پڻ پنهنجي زندگي جو هڪ پل به قومي مسئلن ۽ قوم جي اهنجن کان ڪڏهن به غافل نه رهيو ۽ زندگي کي جهد مسلسل سمجهي سدائين ميدان عمل ۾ سرگرم رهيو. فرق رڳو اهو آهي ته قاسم پٿر عوامي تحريڪ کان پوءِ جيئي سنڌ ۾ آيو ۽ لياقت جهتيال جيئي سنڌ کي خيرآباد چئي رسول بخش پليجي سان سياسي سفر ۾ گڏ ٿيو، جنهن سان آخري وقت سان سلهاڙيل رهيو.
جيتوڻيڪ ڪجهه مهينا اڳ لياقت جهتيال گردن جي تڪليف سبب ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت مطابق سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گهٽائي ڇڏيو هو، پر هن سوشل ميدان تي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سراپا احتجاج رهيو ۽ ڀرپور لکيو. سندس ناچاڪي جو ٻڌي گذريل سال آگسٽ واري مهيني ۾ آئون سندس عيادت ڪرڻ لاءِ وٽس گلشن حديد ويس. جتي هُن منهنجو گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ڊگهي ڪچهري ڪئي سون، جيڪا بهرحال اڻپوري ئي رهجي وئي . سندس گفتگو جو محور سنڌ ئي هئي.
ڪامريڊ لياقت جهتيال جو سياسي ڪردار ته بي داغ هيو ئي، پر سندس ذاتي اخلاف بلند ۽ ڪردار اڇو اجرو هو. ويجهڙ ۾ جڏهن مون کي سُڌ پئي ته کيس ڄنگهه ۾ تڪليف سبب لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرايو ويو آهي ته آئون ۽ منهنجو دوست ساگر سهندڙو گڏجي سندس عيادت ڪرڻ لاءِ اسپتال وياسين، جتي سندس پٽ آصف جهتيال اسان کي آءِ سي يو ۾ وٺي هليو. لياقت جهتيال موت جي بستري ۽ سخت جسماني تڪليف ۾ هجڻ جي باوجود به ڄڻ کيس پنهنجي تڪليف جو ڪو احساس نه ئي هو، جيڪڏهن هن تڪليف محسوس ڪئي به پئي ته اُها صرف ۽ صرف سنڌ جي ئي تڪليف هئي.
ان مختصر ۽ آخري ملاقات ۾ مون ڏٺو ته هُو پنهنجي خيالن تي اڄ به ثابت قدم آهي، جنهن جي پرچارڪ سڄي زندگي بي ڊاپائي ۽ بي باڪيءَ سان وڏي واڪي ڪندو رهيو. اهڙا ماڻهو، جيڪي پنهنجي زندگي جي اهڙي آخري گهڙيءَ ۾ به پنهنجي خيالن ۽ نظريي تي ثابت قدم رهيا. مون هن تائين رڳو ٻئه ماڻهو ڏٺا.عجيب اتفاق اهو آهي ته انهن ٻنهيءَ ماڻهن کي هڪ ئي هنڌ يعني لياقت نيشنل اسپتال ۾ ڏٺو. جنهن ۾ هڪ عبدالواحد آريسر آهي ۽ لياقت جهتيال.