افغانستان ۾ داعش جو اثر وڌي رھيو آھي ؟

افغانستان ۾ ھن قت طالبان گھڻي دٻاءَ جو شڪار آھن.ڇاڪاڻ جو ھڪ پاسي طالبان گروپن ۾ اختلاف  ظاھر ٿي رھيا آھن تھ وري ٻئي پاسي داعش طالبان اڳواڻن تي خودڪش حملا شروع ڪري ڏنا آھن.خودڪش حملن کي روڪڻ نھ رڳو ڏکيو پر ناممڪن آھي.ڪنھن وقت ۾ طالبان بھ خودڪش حملن کي ھٿيار طور استعمال ڪيو ھو ۽ افغانستان تي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي حملي ۽ ان بعد قبضي بعد شروع ٿيل گھرو ويڙھ دوران خودڪش بمبارن اھڙي باھ ٻاري ھئي جو ان جي لپيٽ کان پاڪستان بھ محفوظ نھ رھيو ھو.

تازو  داعش جي هڪ خودڪش بمبار قندوز ۾ بينڪ جي ويجهو ڌماڪو ڪيو. داعش ان جي ذميواري بھ قبول ڪري ورتي آھي.ڌماڪي جو مقصد پگهارون وصول ڪندڙ طالبان سپاهين کي نشانو بڻائڻ ھو،پر ڪيترائي شهري پڻ مارجي ويا.ٻن مهينن ۾ هي ٻيو خودڪش حملو آهي. ٻه مهينا اڳ ھڪ مضبو طالبان وزير خليل الرحمان حقاني کي سندس آفيس اندر خودڪس حملي ۾ قتل ڪيو ويو ھو.ماضي ۾ طالبان خودڪش بمبار کي استعمال ڪندا هئا. هاڻي انهن جي خلاف استعمال ٿي رهيو آهي.داعش جي خودڪش حملن ۾ نشانو بڻايل پنجن اعليٰ طالبان حڪومتي عملدارن مان ڪو به بچي نه سگهيو.

هن وقت ظاھري طور داعش طالبان حڪومت لاءِ هڪ چئلينج  ٿي وئي آھي. جيتوڻيڪ طالبان بار بار تصديق ڪئي آهي ته انهن داعش جي چيلھ  ڀڃي ڇڏي آهي، پر اهي خودڪش حملن کي روڪڻ  ۾ ڪامياب نھ ٿي رهيا آهن.تاريخي طور افغانستان ۾ مجاهدن ۽ سوويت فوج جي  لڳ ڀڳ 10 سالن جي جنگ دوران، هڪ به خودڪش حملو نه ٿيو. جڏھن تھ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون خودڪش حملو 19 نومبر 1995 تي اسلام آباد ۾ مصري سفارتخاني تي ٿيو هو. جڏهن هڪ مبينا مصري حملي آور سفارتخاني جي احاطي اندر بارود سان ڀريل ٽرڪ سان ڌماڪو ڪيو، جنهن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا هئا.

2006 ۾ طالبان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن خلاف جنگ دوران صرف هڪ سال ۾ 119 خودڪش حملا ڪيا. اهو هر ٽن ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ خودڪش حملو  ھو.

پاڪستان ۽ افغانستان ۾ خودڪش حملن جا سنگين نتيجا نڪتا آهن. افغانستان ۾ پرڏيهي فوجي گاڏين تي ‘ويجهو نه وڃو’ جا نشان لڳايا ويا هئا.افغانستان ۾ بين الاقوامي فوجن جي ڪمانڊر ميڪ ڪرسٽل جي نگراني ۾ ڪيل  اڀياسي جائزي مان ظاهر ٿئي ٿو ته 2009 ۾ صرف ٽن مهينن ۾،برطانوي فوج 93 موقعن تي شهري گاڏين تي فائرنگ ڪئي ڇاڪاڻ ته انهن کي خطرو محسوس ٿيو.جنھن جي نتيجي ۾، 200 ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، پر انهن مان ڪو به خودڪش بمبار نه هو.فغانستان ۾ طالبان جي اقتدار کي ڪنھن بھ ملڪ سرڪاري طور تھ تسليم نھ ڪيوآھي پر ٻئي پاسي وري ڪيترن ئي ملڪن اتي پنھنجون سفارتي مشنز کولي رکيون آھن.جنھن سان اھي طالبان حڪومت سان رابطي ۾ رھن ٿا.طالبان جي پاليسي سان اختلاف ڪندڙ انھن جا اڳواڻ بھ پاڻ کي غيرمحفوظ سمجھن ٿا تھ وري خود انتھاپسند طالبان قيادت داعش جي خوف ۾ رھي ٿي.خودڪش حملن مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي تھ داعش جو اثر وڌي رھيو آھي ۽ جنھن کي روڪڻ ۾ طالبان مڪمل طور تي ناڪام ٿي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.