حيدرآباد/ دڙو(پ ر) سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي حيدرآباد جي قديمي ڳوٺ ٽنڊو مير غلام حسين لطيف آباد يونٽ نمبر 9 ۾ حسيني چوڪ وٽ مشعل بردار مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، حميرہ اختر، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، رب ڏنو ملڪ، حنيف ملاح، راول سيال، سليمان خان ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌ خطري ۾ آھي، پيپلز پارٽي جي اجازت سان ارسا چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي منظور ڪيو آھي. انڊس رور سسٽم ۾ پاڻي ناھي. ارسا پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ ۾ سھولتڪار آھي. سنڌ حڪومت عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ کوکلي مخالفت ڪري رھي آھي،چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ دنيا جو وڏو ريگستان بنجي ويندي، الطاف خاصخيلي چيو ته 17 سالن کان سنڌ تي مسلط ڪيل پ پ حڪومت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين، ڪينجھر، ڪارونجھر، گورک، تيل، گئس، ڪوئلي سميت سمورا وسيلا کپائي ڇڏيا آھن. سنڌو درياھ تي ڌاڙن سبب سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، معشوق چانڊيو چيو ته سنڌي ماڻھو ھاڻ سمجھي ويا آھن ته پيپلز پارٽي حڪومت وٽ ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجھ ناھي. سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف ناھي. سنڌياڻي تحريڪ کي جس ھجي ڪئنالن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪري رھي آھي. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي جي آرگنائيزنگ ڪميٽي جو اجلاس آرگنائيزر پنھل سولنگي جي صدارت هيٺ دڙو ۾ ٿيو اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سجاول ضلعي ۾ پھرين مارچ کان 25 مارچ تائين احتجاجي مظاهرا ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪئي ويندي. اشرف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياھ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ چاھين ٿا. پنھل سولنگي چيو ته سنڌو دريا مان غير قانوني طور پنجاب جي ريگستان جي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ سڪي صحرا بڻجي ويندي اجلاس ۾ زين سومرو مجيد چانگ، غلام رسول سولنگي، جبار ٻجورو، نظام پليجو، عزيز چوھاڻ ،پپو سولنگي شرڪت ڪئي،محمد ايوب ٻجورو قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو