غزه جي نئين سر اڏاوت بابت عرب اڳواڻن ۾ اتفاق نه ٿي سگھيو ؟

غزه جنگ کان پوءِ نيئن سر اڏاوت تي ويچار لاءِ عرب اڳواڻن جي اھم گڏجاڻي جمعي ڏينھن رياض ۾ ٿي.عرب ملڪن جي ھي گڏجاڻي ڊونلڊ ٽرمپ جي ان تجويز کي رد ڪرڻ ۽ ان جي تجويز جي ڀيٽ ۾ عرب ملڪن پاران رٿا پيش ڪرڻ لاءِ ھئي.گڏجاڻي تھ ختم ٿي وئي پر ان ۾ ٿيل ڳالھين جو ڪنھن بھ سطح تي اعلان نھ ڪيو ويو آھي.چيو پيو وڃي تھ عرب ملڪن ۾ ان معاملي تي اتفاق نھ ٿي سگھيو آھي.

سامھون آيل خبرن موجب گڏيل عرب امارات ٽرمپ جي رٿا جي مخالفت ڪري رهيو آهي، پر غزه تي ڪير حڪومت ڪندو ۽ ان جي نئي سر اڏاوٽ ۾ مالي مدد ڪيئن ڪجي ان تي اختلاف آهن.مصر سميت ڪيترائي عرب ملڪ تباهه ٿيل غزه جي  نئين سر تعمير جي رٿا  تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنھن جو مقصد فلسطينين کي بي گھر ڪرڻ کان سواءِ علائقي ۾ انهن کي رکڻ ۽ غزه ۾ اهڙو حڪومتي نظام قائم ڪرڻ آهي جنهن ۾ حماس جو ڪو به ڪردار نه هجي.ان رٿا تي ڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران غزه بابت ڏن تجويز بعد شروع ٿيو.جنھن تحت فلسطينين کي مصر، اردن يا ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ڪرڻ ۽ غزه تي مڪمل ڪنٽرول جي ڳالھ ڪيل ھئي.جنھن سان سندس لفظن ۾ وچ اوڀر کي "مثالي علائقو” بڻائڻ ھو.تاحال  چار تجويز ڪيل رٿائون تيار ڪيون ويون آهن، پر مصري جي رٿا کي عرب دنيا، ٽرمپ جي  تجويز ڪيل رٿا جو متبادل سمھجي ٿي.رٿا جي ٽيڪنيڪل تفصيلن کي آخري شڪل ڏني پئي وڃي. ان ۾ پهرين ملبو هٽندو ۽ پوءِ غزه ۾ ٻيهر تعمير ٿيندي.ان تي به غور ڪيو پيو وڃي ته غزه جا ماڻھون ان عرصي دوران ڪٿي رهندا ۽ جنگ کان پوءِ حڪومتي نظام ڪهڙو هوندو.گڏوگڏ غزه جي هٿياربند گروپن حماس ۽ اسلامي جهاد جو مستقبل پڻ غور هيٺ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.