ملير (ڊ ر) ملير بار ايسوسيئيشن پاران حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ ملير جي عدالتن جو بائيڪاٽ، ملير بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ملير جي عدالتن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ملير جون عدالتون بند ڪرايون ويون، ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو چيو ته حڪومت حيدرآباد جي وڪيلن سان ڪوڙو واعدو ڪري احتجاج ختم ڪرايو ويو، حڪومت جي نمائندن حيدرآباد جي وڪيلن کي يقين ڌياني ڏياري ته حيدرآباد جي ايس ايس پي کي ھٽايو ويو آھي، حيدرآباد جي ايس ايس پي کي نه ھٽائي حيدرآباد جي وڪيلن سان وعدا خلافي ڪئي وئي آھي جنھن سبب اڄ سنڌ جا سمورا وڪيل سراپا احتجاج آھن، ملير بار ايسوسيئيشن ھميشه پنھنجن وڪيلن جو ساٿ ڏنو آھي، اڄ به ملير جا وڪيل حيدرآباد جي وڪيلن سان گڏ بيٺا آھن.