ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ ايف بي آر پاران سنڌ ۾ قائم صنعتي ادارن اينگرو، سوئي سدرن گئس، او جي ڊي سي ايل سميت ٻين بين الصوبائي ادارن کان ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ اوڳاڙيل 120 ارب روپيا سنڌ کي ادا نه ڪرڻ وارو معاملو وفاقي حڪومت آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو. نثار کهڙو ليبر کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته ايف بي آر پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ سنڌ مان اوڳاڙيل اربين روپيا صوبي کي ادا نه ٿيڻ وارو معاملو ڪٿي پهتو؟ جنهن تي ليبر کاتي جي سيڪريٽري رفيق قريشي پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته ايف بي آر سنڌ ۾ قائم صنعتي ادارن کان سنڌ جي حصي جا 120 ارب روپيا وصول ڪيا جيڪي اڃان تائين سنڌ کي نه ڏنا ويا آهن. نثار کهڙو چيو ته ايف بي آر جو ادارو سنڌ مان ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ اوڳاڙيل 120 ارب روپيا سنڌ صوبي کي ادا نه ڪري سنڌ سان زيادتي ڪري رهيو آهي جڏهن ته 18 هين ترميم کان پوءِ ورڪرز ويلفيئر فنڊ اوڳاڙڻ ۽ جمع ڪرڻ جو اختيار صوبي جو آهي پر وفاقي حڪومت ايف بي آر جي ذريعي اِها رقم غيرآئيني طور تي وصول ڪري صوبي کي پنهنجي حصي جي رقم ادا نه ڪري 18 هين ترميم جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ان لاءِ وزيراعظم ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ ايف بي آر پاران اوڳاڙيل 120 ارب روپيا سنڌ کي ادا نه ٿيڻ جو نوٽيس وٺي. پي اي سيءَ ايف بي آر پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ اوڳاڙيل سنڌ جي 120 ارب روپين جي حصي واري رقم سنڌ کي واپس نه ڪرڻ بابت ايف بي آر جي چيئرمين ۽ وفاقي حڪومت کي خط لکڻ ۽ ايف بي آر آفيسرن کي هن معاملي تي بريفنگ لاءِ پي اي سيءَ ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.