نوشهرو فيروز(عتيق الرحمان وسطڙو)اين پي پي سربراهه ۽ جي ڊي اي جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ باوجود نوشهرو فيروز دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت سندس ٻن لکن جي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪري ورتي،جيل سپرنٽينڊنٽ کان اي ٽي سي جي جج سخت پڇاڻو ڪيو ته کيس نارا جيل ڇو منتقل ڪيو ويو جڏهن ته اسان جو آرڊر هو ته کيس ڊسٽرڪٽ جيل نوشهرو فيروز منتقل ڪري، بيمارين سبب اسپتال شفٽ ڪيو وڃي. جيل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ هو ته آءِ جي جو حڪم هو ته کيس نارا جيل موڪليو جنهن تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي ڪورٽ ۾ ڪافي وقت ويهاري ڇڏيو ۽ ضمانت منظور ڪري ورتي،هوڏانهن غلام مرتضيٰ جتوئي جو ستن ڏينهن لاءِ پوليس ڪالهھ موڪل واري ڏينهن لاڙڪاڻي جي عدالت مان رمانڊ حاصل ڪيو هو، سندس مٿان ڏوڪري ۽ باڊھ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن جن ۾ ھڪ موٽر سائيڪل چوري ۽ ٻيو ڦر جو ڪيس داخل آھي،مرتضيٰ جتوئي جي وڪيل عبدالله ڪورائي ٻڌايو ته هاءِڪورٽ جي فيصلي باوجود گرفتاري تي اسان توهين عدالت ڪيس لاءِ وڃون پيا