مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي

تحرير: ڪاشف نوراني

مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ تي اقوام متحده پاران نئين ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آھي. يونيسڪو پاران هن ڏينهن کي 17 نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل ان بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو. بنگالي شاگرد 21 فيبروري 1952ع تي پنهنجي ماءُ ٻولي کي پنهنجي اهميت ڏيارڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ جو حصو ورتو، جنهن دوران ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پوليس ۽ فوج گوليون وسائڻ سبب شاگرد شهيد ٿي ويا هئا. ياد رهي ته پنهنجي ٻولي تان قربان ٿيل بنگالي شاگردن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ يونيسڪو ان ڏينهن کي ”ماءُ ٻولين“ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي دنيا جون قومون هن ڏينهن کي ڀرپور طريقي سان ملهائين ٿيو.

مون کي ياد ٿو اچي ته الطاف شيخ جِن جي ڪنهن سفرنامي (شايد اي روڊ ٽو مدينه) ۾ پڙهيو هئم ته سائين جن کي ڪنهن اردو ۾ ڳالهائيندي ڏِسي اچي چيو ته هي هندي ۾ لکيل خط پڙهي ٻڌايو۔ سائين جڏهن عاجزي ڏيکاري ته هُن کي حيرت ٿي ته جيڪا ٻولي ڳالاهي سگهجي ٿي اُها لکي ڇو نه ٿي سگهجي؟ پر جيئن ته هندي ۽ اردو ڳالهائڻ ۾ ڪافي هڪ جهڙيون آهن پر لکڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي۔ پر ڏسجي ته ٻئي ٻولين جا رکوالا پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪن ٿا۔ آئون نه ٿو سمجهان ته ٻنهي ٻولين جي رکوالن جديد ٽيڪنالاجي سان پنهنجي ٻولي کي مطابقت لاءِ گڏ گڏ نه رکيو هُجي۔ ٽائپنگ ۾ به اسان کان گهڻو اڳي هو ڪم ڪري چُڪا.

سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي به آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزارت جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن. نتيجي ۾ لکين ٻار بنيادي سنڌي سِکڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. هيٺئين وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي پڙهائي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري زبان پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا، ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان ڇِنل رهندا ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي ئي سماجَ ۾ اوپرا رهندا.

قومي جڙاوت جو بنيادي ايڪو ٻولي آهي، ان جي اڻهوند قومي وجود کي اڻپورو بڻائي ڇڏيندي. سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري نه رڳو معاشي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي پر ان جو ڳانڍاپو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا سان به آهي. جتي سنڌي سافٽ ويئر ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏي سگهه آهن، اُتي تيزيءَ سان ناڪاره ٿيندڙ سرڪاري تعليمي سرشتو سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ بقا لاءِ وڏي لَلڪار آهي.

سنڌ واسين کي متحرڪ قوم طور ان صورتحال جو ماضيءَ جيان پاڻ ئي مقابلو ڪرڻو پوندو، جڏهن سرڪار، سماجَ جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي نيت ۽ اهليت وڃائي ويهي، ته پوءِ سماج جي سِياڻن ماڻهن کي متبادل ادارا قائم ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ مطالبن کان اڳتي وڌي قومي عمل جي گُهرج آهي. خصوصي طور تي اسان استادن جو اهو فرض آهي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي قديم سنڌي ٻولي بابت مڪمل ڄاڻ ڏيئي کانئن وچن وٺون ته توهان پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافت جا امين رهندو. توهان سنڌي ٻوليءَ جا حقيقي وارث آهيو ۽ توهان کي ئي سندس ترويج لاءِ پنهنجي خصوصي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻو آهي ڇو ته  سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي.

 

سنڌي ٻوليءَ کي هڪ اهم چئلينج سرڪاري اسڪولن جي بربادي به آهي. اٽڪل 49 هزار سرڪاري اسڪولن ۾ 42 لک کان وڌيڪ ٻار پڙهن ٿا، انهن اسڪولن جو هڪ وڏو انگ ٻهراڙين ۾ آهي، جتي سياسي ۽ انتظامي ڪرپشن سبب اُستاد پڙهائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ تعليم واري وزارت جي پنهنجي اعتراف موجب، 11 هزار اسڪول بند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.