هٿرادو سياسي بحران پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ هٿرادو سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين،  هڪ گروهه سنجيده ڳالهين جي صلاحيت نٿو رکي، عرفان صديقي نواز شريف سان ملاقات ڪري سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن 2013 ۾ تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رهي ها ته اڄ ٻاهرين مدد جي ضرورت نه پئي ها، هاڻ لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي قطعي اجازت نه ڏينداسين، نه ترقي جي سفر ۾ رنڊڪ وجهڻ ڏينداسين، ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي، نوجوان نسل کي پرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.