ڪينالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف تنگواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي

تنگواڻي (پ_ر) ڌاڙيل راڄ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهن نون ڪئنالن ۽ بهارين، بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان تنگواڻي ۾ ماشاء الله هوٽل کان وين اسٽاپ تائين ريلي  ڪئي وئي، جتي ڌرڻو هنيو ويو. ڌاڙيل پالڻ بند ڪريو. ٿاڻن تي پاٿاريون بند ڪريو. سنجي ڪمار جي قاتلن کي گرفتار ڪريو. اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرايو. پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو. شهيد جان محمد مهر، شهيد نصرالله گڏاڻي، استاد الله رکيو نندواڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪريو ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ نعرا هنيا ويا. گريٽر ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال منصوبن خلاف پڻ سخت نعريبازي ڪئي وئي. گريٽر ڪئنال ۽ گريٽر چولستان کي گريٽر پنجاب منصوبي جي ناپاڪ سازش قرار ڏنو ويو. سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ جو عزم ڪيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي صدر ايڊووڪيٽ آصف کوسو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اعتزاز گائينچو، نواز ٻپڙ، صدام کوسو، واحد بخش کوسو ۽ ٻين اڳواڻڻ چيو ته پيپلز پارٽي دهشت گردن کي سنڌين جي سيني مٿان سوار ڪري رهي آهي. ڌاڙيلن کي نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار فراهم ڪندڙ افغاني اسمگلرن کي مڪمل طور پيپلز پارٽي سرڪار جي سرپرستي حاصل آهي. بنگالين، بهارين، برمين ۽ ٻين غير ملڪين کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏئي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ دهشتگرد راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪنهن به غير ملڪي کي سنڌ جو شهري تسليم نه ڪندو، سنڌ جي جوڌن جوانن سڪندر اعظم کان ارغونن ۽ ترخانن تائين مغلن کان انگريزن تائين سمورن حملا آورن سان مقابلا ڪري، پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي سنڌ کي بچايو آهي. بلاول کي وزير اعظم بڻائڻ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سرڪار ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، هنن چيو ته پوليس امن امان ڪرائڻ بدران ڀتاخوري ۾ مصروف آهي. پوليس جو سمورو ڌيان هڪ ايس ايس پي جي پروٽوڪول ۾ آهي، پوليس ڌاڙيل گرفتار ڪرڻ بدران وڪيلن سان ويڙهه ۾ مصروف آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.