راولپنڊي ( م ڊ ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير برطانيا پهچي ويو آهي جتي هو رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرسٽ ۾ ستين علائقائي استحڪام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس ۾ ”ايمرجنگ گلوبل سسٽم ۽ پاڪستان جو مستقبل“ جي موضوع تي اهم تقرير ڪندو،آءِ ايس پي آر موجب هي ڪانفرنس پاڪستان-برطانيه فوجي سطح تي ڳالهين لاءِ اهم پليٽ فارم آهي، ڪانفرنس هر سال تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ڪئي ويندي آهي،آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ ٻنهي ملڪن جا پاليسي ساز، سول ۽ فوجي اڳواڻ ۽ ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن.